حڪمران طبقو ۽ الله جي حوالي ٿيل ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي!

0
122
حڪمران طبقو ۽ الله جي حوالي ٿيل ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي!

پاڪستان ۾ وڏين “عوامي” سياسي پارٽين جي ليڊرن، جنرلز ۽ ٻين اعليٰ عسڪري آفيسرن، اعليٰ آفيسر شاهي ۽ وڏي ڪاروباري طبقي جنهن حساب سان ملڪ جي ڪروڙين عوام جو تاريخي استحصال ۽ ان سان ظلم ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هڪڙي پاسي اعليٰ عسڪري آفيسر ۽ جنرلز، اعليٰ آفيسر شاهي (جنهن ۾ ججز به شامل آهن) ۽ ڪاروبار طبقي پهرين ڏينهن کان وٺي ڪڏهن صفا اڳيان اچي پر گهڻو وقت پويان خاموشي سان ويهي ملڪي ناڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻي ڪکپتي مان کرب پتي بڻجي ويا آهن ۽ وري ٻئي پاسي نام نهاد عوامي سياستدان هر روز نوان ڪوڙ گهڙي، نوان زٽ هڻي، نئين اداڪاري ڪري، نئين روپ ۽ ٻهروپ ۾ اسٽيج تي اچي فلمي ڊائيلاگ هڻي ملڪ ۽ 23 ڪروڙ عوام جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو غربت، بيروزگاري، ڪرپشن، مهانگائي ۽ لاقانونيت جي صورت ۾ اڄ ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ۽ هر هڪ شاهدي پيو ڏئي ته واقعي اهڙو حشر دشمن به نه ڪري جيڪو پاڪستان جي عوام سان ملڪگير پارٽين جي ليڊرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن، جنرلز، اعليٰ آفيسر شاهي ۽ ڪاروباري طبقي ڪيو آهي. عوام ۽ ملڪ سان اهڙي دشمني جي شروعات سڀ کان پهرين عوام جي آڏو اسٽيج تي اچي لياقت علي ڪئي، ۽ ملڪ کي آمريڪي ڪئمپ ۾ کڻي ويو، جنهن سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا سڀ دروازا بند ٿي ويا، پر ٻئي پاسي لياقت علي ۽ سندس ٽولي جون ست پِيڙهيون پيون عياشي ڪن تڏهن به مال نه کٽي. لياقت علي خان کانپوءِ اهڙي قسم جي اداڪاري خواجه ناظم الدين، جسماني لحاظ کان معذور گورنر غلام محمد، پهريون صدر اسڪندر مرزا، جنرل ايوب، جنرل يحييٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضياالحق، بينظير ڀٽو، نواز شريف، جنرل مشرف، آصف زرداري، عمران خان، شهباز شريف، فضل الرحمان، ق ليگ، متحده مجلس عمل، جماعت اسلامي، جمعيت علمه اسلام (ف)، فنڪشنل ليگ، ايم ڪيو ايم، ۽ ٻين جيڪي عوام جي مفادن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا نعرا هڻي عوام ۽ ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، تنهن تي انهن سڀني جو جيڪو به ٿورو مڃجي اهو گهٽ ٿيندو ۽ انهن سڀني وڏيون ۽ تاريخي “قربانيون” ڏئي ملڪ کي ان نهج تي پهچايو آهي جو ملڪ ۾ صرف ٽي ارب ڊالرز موجود آهن، جنهن مان پندرنهن ڏينهن جو گذارو ٿيڻ به مشڪل آهي.

مٿي ذڪر ڪيل سڀني ليڊرن ۽ جنرلن پورا 75 سال وقت ۽ حالتن مطابق عوام سان اهڙا اهڙا مها ڪوڙ هنيا، جو هاڻي 8 مهينا اڳ شهباز شريف ملڪ جي سڄي تباهي ۽ بربادي جو ذميوار صرف ئي صرف عمران خان کي قرار ڏئي رهيو هو، هن پاڻ اٺ مهينا وزيراعظم رهڻ کانپوءِ 25 جنوري تي اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان سياسي ليڊرن ۽ جنرلن 75 سالن ۾ پاڪستان کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. عوام جو آڏو هڪ وزيراعظم جي حيثيت ۾ اهو سڀ کان وڏو اعتراف جرم آهي، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. معنيٰ هڪ وزيراعظم سرعام ڪروڙين عوام جي آڏو اعتراف پيو ڪري ته پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ اسان حڪمرانن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. معنيٰ هڪڙي پاسي سويلين وزيراعظمن ۽ ٻئي پاسي نان سويلين يعني جنرلن گڏجي ملڪ کي تباهه ڪيو آهي. ان مان هڪ مٿاڇرو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ جي معاشي حالت ۽ مجموعي طور تي رياستي بحران ڪٿي اچي دنگ ڪيو آهي! وزيراعظم جو اهڙو اعتراف ان ڳالهه جو پڻ واضح ثبوت آهي ته اسان سڀ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر عوام سان ڪوڙ ڳالهائي ووٽ ۽ اقتدار حاصل ڪندا رهياسين ۽ هاڻي حالت اتي اچي پهتي آهي، جو اسان جا ڪوڙ به نٿا هلن، تنهن ڪري جيڪو ٿورو گهڻو، ذرو پرزو سچ ڳالهائي رهيا آهيون، اهو به مجبوري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون. جيڪڏهن اڃا به ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ ڪجهه وقت هجي ها ۽ ڪوڙ ڳالهائي سگهون ها ته هو ڪڏهن به اهڙو اعتراف نه ڪري ها ۽ اڃا چار پنج سال نوان نوان ڪوڙ هڻي اهو وقت به ڪڍي ها. پر اتفاق سان ويجهڙ واري وقت ۾ عمران خان ايڏا ڪوڙ هڻي ويو آهي، جن مان هڪڙي کي پنهنجي پوڻان چار سالن جي حڪومت ۾ سچ ثابت نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري هاڻي هي ڪهڙا ويهي ڪوڙ هڻي. هڪڙي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ان قسم جا اعتراف ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي پاسي ملڪي معيشت کي رات پيٽ ۾ تبديل ڪرڻ جهڙي سگهه رکندڙ معاشي “مسيحا” ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن ٽي وي تي اچي اعتراف ڪيو ته “پاڪستان ڪلمي جي نالي تي ٺهيو،

معاشي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي.” هي اهو ئي اسحاق ڊار آهي، جنهن پاڪستان اچڻ کان پهرين ۽ ان کانپوءِ ناڻي جي وفاقي وزير طور وڏيون وڏيون دعوائون پئي ڪيون ته آئون ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي ڏيکاريندس ۽ اهو هاڻي پاڻ توبهه تائب ڪري هٿ کڻي ويو آهي. ياد رهي ته جڏهن 26 سيپٽمبر 2022ع تي اسحاق ڊار واپس پاڪستان آيو هو. هن جي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ملڪي ميڊيا ۾ اهڙي پروپئگينڊا ڪئي وئي ته بس هن جي پهچڻ سان ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهي هلنديون ۽ عوام جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اسحاق ڊار جي اچڻ کانپوءِ مون 29 سيپٽمبر 2022ع تي هن ئي صفحي تي تمام گهڻا تفصيل ڏئي آخر ۾ پنهنجي آرٽيڪل کي ختم ڪندي لکيو هو ته، “باقي پاڪستان جو جيڪو رياستي بحران آهي، اهو نه ڪنهن سول حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن هڪڙي معاشي ماهر جي پاليسين جي نتيجي ۾ حل ٿي سگهي ٿو. باقي ڪجهه وقت ڪڍڻ جي لاءِ جيڪي معمولي قسم جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون، انهن معمولي ڪوششن جي لاءِ اسحاق ڊار کي آندو ويو آهي، نه ڪي ملڪ جا مستقل معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ.” اسحاق ڊار هٿرادو طريقي سان ڊالر جي وڌندڙ قيمت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان سان گڏ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ نالي ماتر گهٽتائي ڪئي، جيڪا ٻه کان ٽي مهينا مس هلي سگهي ۽ ڳالهه اچي اتي پهتي جو جيڪي مسئلا هن کي حل ڪرڻا هئا ۽ جن لاءِ هُو پاڪستان سيڙجي آيو هو، اهو پاڻ هٿ مٿي ڪري چئي رهيو آهي ته “پاڪستان ڪلمي جي نالي تي ٺهيو، معاشي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي.”

اهو چوڻ ته “پاڪستان ڪلمي جي نالي تي ٺهيو، معاشي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي.” الله جيڪو چاهيندو اهو ڪندو، پر هي اسان جا سويلين ۽ نان سويلين حڪمران عوام کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته انهن گذريل 75 سالن کان ايڏا وڏا نعرا، ڏهاڪن تائين قومي ۽ صوبائي حڪومتون سنڀالي ڇا ڪيو؟ کربين رپين جون بجيٽون ڪٿي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيون؟ کربين ڊالرز جا قرض وٺي ڪٿي استعمال ڪيا؟ انهن وڏيون وڏيون دعوائون ڪهڙي بنياد تي ڪيون؟

انهن عوام کان ووٽ وٺڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سڀ حدون ڇو ڪراس ڪيون؟ هي بار بار توهان پنهنجي قربانين جو ذڪر ٿا ڪريو پر اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ توهان جي معاشي حالت ڇا هئي؟ ۽ هاڻي ڇا آهي؟ توهان گذريل 75 سالن ۾ امير کان امير ٿي ويا، پر هيڏانهن عوام۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. توهان سونن چمچن ۾ ٿا کائو عوام کي رکي ماني به نصيب ناهي!

ڇا وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ٻنهي جا اعتراف آخري اعتراف آهن ته اڳتي اهي وري عوام سان ڪوڙ هڻي اقتدار ۾ نه ايندا؟ بس اڄ کانپوءِ اهي پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڏکيا ۽ سخت فيصلا ڪري ملڪ کي ڏيوالي مان ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندا؟ يا اهي اعتراف صرف ان ڪري ڪري رهيا آهن، جو انهن کي اميد آهي ته ان طريقي سان هُو وري به ڪجهه سال ڪڍي ويندا، تنهن ڪري حالتن جي ضرورت آهي ته ايئن ڪريون، تنهن ڪري هُو ايئن ڪري رهيا آهن، جيئن جيترو وقت ملي اقتدار جو مزو ماڻي سگهون ۽ جيترو مال ميڙي سگهون ٿا اوترو ميڙي سگهون. جڏهن ته ٻئي پاسي وري عمران خان به نوان ڪوڙ گهڙڻ لاءِ مصروف آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هڪڙي پاسي پيپلز پارٽي، نواز ليگ، جميت علماءِ اسلام (ف) ۽ ٻئي پاسي تحريڪ انصاف وچ ۾ صفا نوان ۽ شاندار ڪوڙ ڳالهائڻ جو هڪ سخت مقابلو ٿيندو ۽ فاتح اچي اقتدار جي مسند سنڀاليندو، باقي عوام ۽ ملڪ جي حالت هر ڏينهن، هر هفتي، هر مهيني ۽ هر سال اڳ کان به وڌيڪ بدتر ٿيندي ويندي ۽ ايندڙ سوا ڏيڍ ڏهاڪو اهو سلسلو ايئن هلندو رهندو.

[email protected]