حڪمران طبقن جي ايجنڊا مان ‘ڪاٽا’ ٿيل عوام

0
73
حڪمران طبقن جي ايجنڊا مان ‘ڪاٽا’ ٿيل عوام

  امريڪا جي سورھين صدر ابراھام لنڪن جي چوڻ موجب, “اھڙي حڪومت جيڪا عوام پاران ھجي، عوام لاءِ ۽ عوام جي ھجي، ان کي جمهوري حڪومت چونداسين” يعني عام ماڻھو ووٽ جي ذريعي پنھنجا نمائندا چونڊي حڪومت بنائيندو آھي. جمھوري سرشتي ۾  حڪومت انھيءَ ڳالھ جي پابند ھوندي آھي ته عام ماڻھوءَ جو حڪومتي معاملن ۾ نه صرف ذڪر جوڳو ڪردار ھجي پر حڪومتي فيض ھيٺين سطح تي عوام ڏانھن منتقل ٿئي. ھن حڪومتي سرشتي ۾ طاقت جو سرچشمو عوام ھوندو آھي. چونڊيل نمائندا عوام ڏانھن جوابده ھوندا آھن ۽ عوام کي پورو حق حاصل ھوندو آھي ته کانئن پڇاڻو ڪن ۽ مطمئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندن احتساب ڪن. جمھوري عمل جو محور عام ماڻھو آھي. رياست پنھنجي حڪومتي اختيارن کي عوامي نمائندن ڏانھن منتقل ڪندي آھي .

                 مٿي ڄاڻايل بنيادي اصولن جي پيماني تي ملڪ جي موجوده صورت حال جو جائزو وٺنداسين ته صورتحال ڪجھ بھتر نظر نه ايندي. مُني صدي گذرڻ باوجود اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ جمھوريت پنھنجي مڪمل روح سميت اڃان تائين رائج نه ٿي سگھي آھي. جنھن جو مکيه سبب ھي  آھي ته عوام کان وڌيڪ ٻين ملڪي ادارن جي ھڪ ٻئي جي اختيارن ۾ غير آئيني مداخلت ۽ ادارن جي باھمي رساڪشي جمھوريت جي روح کي زخمي ڪري وڌو آھي. جمھوري نظام مان عوام کي اھو فيض نه ملي سگھيو آھي، جيڪو  کين ملڻ گھرجي .اسان جي ملڪ ۾ رائج الوقت سماجي نظام پڻ جمهوريت جي مڪمل روح سميت نفاذ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي، ڇاڪاڻ ته  عوام جو وڏو حصو تعليم جي اڻ ھوند سبب سياسي شعور کان وانجھيل ۽ اڄ به برادرين ۽ قبيلن ۾ ورھايل آھي. جنھنڪري ھو سردارن ۽ وڏيرن وٽ يرغمال ٿيو پيو آھي. نتيجي طور اسين سياسي پارٽين جي منشور کي ڏسڻ بدران پنھنجو ووٽ برادرين جي بنياد تي ڏيون ٿا، جنھنڪري بجاءِ انھيءَ جي جو جمھوري عمل ڪري عوام کي حق ملن ۽ عوام مضبوط ٿئي، عوام جا مسئلا حل ٿين، الٽو جاگيردار طبقو وڌيڪ طاقتور ٿئي پيو، جيڪو اقتدار ۾ اچي عوام جي بدران پنھنجي مفادن جو تحفظ ڪري ٿو. انھيءَ پسمنظر ۾ وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن پنھنجي خاندانن جي ڀاتين کي مختلف پارٽين ۾ شامل ڪري عوام جي رستا روڪ ڪري ڇڏي آھي. ٽنھي حڪومتي آئيني ادارن ۾ سندن خاندانن جا نمائندا موجود آھن. جيڪڏھن ايوانن ۾ ڪا اندروني رساڪشي موجود آھي ته اھا به جاگيردار ڪلاس ۽ سرمائيدار ڪلاس وچ ۾ سندن مفادن جي تحفظ لاءِ آھي. عام ماڻھو سندن ايجنڊا مان غائب آھي. ملڪ جو عام ماڻھو، خاص ڪري سنڌ جو عوام اڄ به ڪسمپرسي جي حالت ۾ جيئي پيو. اسان جا شھر کليل گٽرن سبب گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آھن. تعليمي ادارا، صحت مرڪز ۽ روڊ رستا تباھ ٿيل آھن، امن امان غائب آھي، ميرٽ جي لتاڙ عام آھي ۽ ڪرپشن ڏينھون ڏينھن مٿان کان ھيٺ تائين وڏي طمطراق سان وڌي رھي آھي. ٻين لفظن ۾، ڪرپشن اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آھي. سڀ کان خطرناڪ صورت حال ھي آھي ته اسان جو دانشور طبقو، جنھن جو ڪم عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ آھي، ان جو ھڪ وڏو حصو شعوري ويڳاڻپ جو شڪار بنجي حالتن کان لاتعلق بنيل آھي يا حڪمرانن سان ٻٽ ٿي ڏاٺ گرم ڪري رھيو آھي.

مُني صدي گذرڻ باوجود اسان جي جمھوري ريل گاڏي صحيح پٽڙي تي نه چڙھي سگھي آھي. عوام جي بدقسمتي چئجي ته جمھوريت جي پردي ۾ طاقتور ڌرين جي ڳٺ جوڙ سان عوام مٿان ٿاڦيل سياسي ھچائن کي ايترو ته مضبوط بڻايو ويو آھي، جو ڪو به  مڊل ڪلاس جو باشعور سياسي ڪارڪن  رياستي ايوانن ۾ وڃي عوام جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سوچي به نه ٿو سگھي. اسان وٽ جمھوري عمل جي مضبوط نه ٿيڻ جا سبب موجود آھن. ملڪي ۽ غير ملڪي ايجنڊائن جي تڪميل لاءِ جمهوري عمل کي وقت بوقت ڇاٻ ڏيئي روڪيو ويو آھي ۽ عوام مٿان وڏو عرصو آمريتون مسلط ڪري عوامي جمھوري تربيت واري عمل کي روڪيو ويو آھي. اقتداري ڪاريڊور ۾ جاگيردارن، سردارن ۽ سرمائيدارن لاءِ گنجائش پيدا ڪئي ويئي آھي. انھيءَ سموري مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود ھڪ دفعو ٻيھر عوام کي نئين سال جي شروع ۾ 8 فيبرري تي پنھنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو مليو آھي. عوام کي حق حاصل آھي ته انھن سياسي پارٽين، جن گذريل سالن ۾ اقتدار جا مزا ماڻيا، انھن کان پڇاڻو ڪن ته ھنن گذريل دور ۾ عوام لاءِ ڇا ڪيو ۽ ھاڻ وٽن عوام لاءِ ڪھڙي ايجنڊا آھي؟ بظاھر ته “ساڳيا لاٽون، ساڳيا چڳھ” واري صورتحال نظر پئي اچي.

اسان جي ملڪ جي جمھوري سرشتي جو الميو آھي ته بظاھر جمھوري عمل ته نظر اچي پيو پر در حقيقت پردي پويان ڪي ٻيا رانديگر موجود آھن، جيڪي راند کي ڪنٽرول ڪري رھيا آھن. ٻين لفظ ۾ ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي رائج ڪئي وڃي ٿي. وري وري انھيءَ عمل کي ورجائڻ  سان حڪمرانن جو ھڪڙو اھڙو طبقو پيدا ٿي پيو آھي، جيڪو اصل اقتدار ڌڻين جي خوشنودي لاءِ ھر وقت تيار رھي ٿو ۽ عوامي مفاد پوئتي ڌڪجي وڃن ٿا. ھن سموري صورتحال ۾ ننڍا صوبا، خاص ڪري سنڌ وڌيڪ ڀوڳي رھي آھي، جيڪا وسيلن جي ھوندي پڻ بي وس بڻيل آھي ۽ نيٺ ڇا ڪجي؟ وارو سوال پنھنجي جڳھ تي اڄ به موجود آھي.

سنڌ ۾ عوام شعوري سطح تي ھن وقت ٽن مکيه ڌارائن ۾ ورھايل نظر پيو اچي, ھڪ وڏو طبقو شعور کان وانجھيل، حالتن کان بي خبر “پرائي شاديءَ ۾ عبدالله ديوانو” وانگر ڀوتارن پويان نچڻ ڪڏڻ ۾ مصروف آھي. کين حالتن جي  حساسيت جو ڪو احساس ڪونھي. ٻيو طبقو صورتحال کي سمجھندي به ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ ڀوتارن جي واٺاگيري ڪرڻ ۾ مصروف آھي. ٽيو طبقو سوچي به ٿو ته لوچي به ٿو. ھي محدود طبقو سنڌ جو اجتماعي شعور آھي، جيڪو مختلف سياسي پارٽين  ۾ ورھايل آھي، جنھن جي جاکوڙ سان ئي عوام ۾ سياسي جمھوري  شعور پيدا ڪري سگھجي ٿو. اميد افزا ڳالھ آھي ته ھي طبقو مسلسل وڌي رھيو آھي. ايندڙ  اليڪشن ھن طبقي لاءِ ھڪ قسم جو وڏو چئلينج آھي ته ھو عوام ڏانھن رجوع ڪن ۽ کين ووٽ جي اھميت ۽ ان جي صحيح استعمال جي تربيت ڏين، ڇاڪاڻ ته انقلاب جو ھراول دستو وري به  پورھيت عوام آھي.