حڪمراني جو ڪارڻ طاقت نه پر تنظيم آھي

0
252
حڪمراني جو ڪارڻ طاقت نه پر تنظيم آھي

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن (شاھه)، مجموعي طور اسان جو سياسي ڪارڪن پنھنجي لاشعور ۾ تنظيم، نظم و ضبط يا ترتيب ڪرڻ جو قائل ئي ڪونھي، ھو لُڙبازي کي جدوجھد، ھُل کي بھادري، حقيقي معنيٰ ۾ پڙھڻ لکڻ جو مخالف آھي، اسان جو سياسي ڪارڪن ھر صورت ۾ ڪو سولو گس ڳولھڻ پويان رھيو آھي، ھو ذھني پورھئي کان لنوائيندي، ان کي اڻ سڌي ريت بيوقوفي ٿو سمجھي. سڀ کان وڏو مسئلو ته اھو آھي جو ته خودشناسي کان ڀڄندي ڀڄندي ھو شخصي بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ پنھنجي سمورين ناڪامين جو الزام ٻين (قوم/حالتون، ليڊر وغيره) تي مڙھي ٿو.

جن ڪارڪنن وٽ شاھه لطيف ۽ سائين جي ايم سيد جھڙا رھبر ھجن ۽ اھي اھڙن مکيه سوالن کي سمجھڻ کان لاشعوري طور انڪار ڪندي ڀڄندي نظر اچن ته افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. سنڌي اڄ تائين تمام سادي ڳالھه نه سمجھي سگھيا آھن ته پنجاب جي حڪمراني جو ڪارڻ طاقت نه پر تنظيم آھي، انگريزن کان شڪست کان ويندي اڄ تائين سنڌين ۾ ڪڏھن به ڪٿي به تنظيم يا ترتيب نظر نه آئي تڏھن ئي اسان چارلس نيپيئر کان ويندي ملڪ رياض تائين حقيقتن رڳو شڪستون ئي کاڌيون آھن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)