حيض بابت بيان: سمرتي ايراني تي سخت تنقيد

0
241
حيض بابت بيان: سمرتي ايراني تي سخت تنقيد
حيض بابت بيان: سمرتي ايراني تي سخت تنقيد

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي اڳوڻي اداڪارا ۽ بي جي پي جي اڳواڻ سمرتي ايراني کي عورتن جي حيض جي باري ۾ ڳالهه تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڀارتي پارليامينٽ ۾ هڪ مرد ميمبر عورتن لاءِ حيض جي ڏينهن ۾ پگهار سان موڪل جو بل پيش ڪيو ويو

سمرتي ان جي مخالفت ڪندي چيو ته حيض اچڻ ڪا معذوري ناهي بلڪه اهو عورت جي زندگي جو قدرتي حصو آهي. ان بيان تي مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي ٻاراڻي سوچ ۽ عورتن تي ٺٺول قرار ڏنو ويو

جڏهن ته اداڪارا ڪنگنا رناوت سمرتي جي حمايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عورتن کي خاص بيماري نه هجي ته کين حيض لاءِ اضافي پگهار ۽ موڪل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي

اسان کي سمجهڻو پوندو ته حيض ڪا بيماري يا معذوري ناهي. سمرتي ايراني سياست کان اڳ ميگا سيريل ساس بهي ڪڀي بهو ٿي ۾ ڪم ڪندي هئي