حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي جي خان ڳوٺ جي پيرسن رهواسي الله بچايو بااثر ماڻهن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار پاڙيسري ممتاز علي روزانو زبردستي سندس گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ روڪڻ تي کيس گارگند ڪندي موتمار ڌمڪيون پيو ڏي. لاڳاپيل ٿاڻي تي دانهيو پر پوليس تدارڪ نٿي ڪري. هٽڙي جي ڳوٺ شير محمد گوپانگ جي رهواسي عورتن، مردن، ٻاڙرن گهر ڊاهڻ خلاف 8هين ڏينهن به دانش گوپانگ، مجاهد گوپانگ، اصغر گوپانگ، قادر گوپانگ، بشير احمد گوپانگ ۽ سڪندر علي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري رکي. هنن چيو ته علائقي جي بااثر شخص امتياز گوپانگ بلڊر ۽ هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي سندن هڪ درجن کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. حيدرآباد جي معذور ماڻهن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف محمد خالد سومرو، فاروق احمد ۽ ٻين 40هين ڏينهن به احتجاج ڪيو. ڪراچي جي رهواسڻ مسرت زال معشوق چانڊيو مڙس جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سندس مڙس 20 ڏينهن اڳ تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو بدپيشي لاءِ مجبور ڪندو هو. مون آپگهات جي به ڪوشش ڪئي، نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي