حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پورهيت عمير پٺاڻ پوليس اهلڪار جي مبينا ظلم کان تنگ اچي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيو، جيڪو رات دير سان فوت ٿي ويو، فوت شخص جي وڊيو به وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ خود سوزي ڪندڙ شخص جا بلديا ٿاڻي جي اهلڪار غازي خان سولنگي تي سنگين الزام آهن، جنهن ۾ چوي ٿو ته اهلڪارزور ڀريو ته منشيات وڪرو ڪريان، ٽي ڀيرا منشيات ڪيس ۾ چالان به ڪيو ويو، پوليس اهلڪار گهر مان سون ۽ پئسا به کڻي وئي، فوتي شخص غريب آباد جو رهواسي هو، جڏهن ته ڊي ايس پي پاران الزامن جي ترديد ڪئي وئي سندس چوڻ آهي ته جنهن اهلڪار تي الزام لڳايا ويا آھن اهو ٽي مهينا اڳ ضلع بدر ٿيو هو.