لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڊيرا مراد جمالي ڀرسان زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو 2 ڄڻا قتل،4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي چانڊڪا اسپتال آندو ويو آهي، ڳوٺ رئيس محمد عظيم جتڪ ۾ زرعي زمين جي معاملي تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، فائرنگ ۾ حاجي عبدالعزيز ۽ محمد اسماعيل قتل ٿي ويا آهن، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب عبدالخالق بروهي، فيروز خان، محمد يعقوب بروهي ۽ نوريز خان سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو آهي، زخمين جو چوڻ آهي ته بااثرن شاهنواز، صدام حسين سميت 8 ڄڻن اسان مٿان حملو ڪيو.