حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ حاجي بچل زنئور ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿيو. زخمي جي وارثن راهوڪي ٿاڻي پهچي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ محمد جمن زنئور ڄاڻايو آهي ته سندس گهر سامهون سرڪاري پلاٽ تي سندس برادري جا محمد شريف، لائق زنئور، فيروز زنئور ۽ ٻيا مبينا طور قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڄاڻايل پلاٽ بابت عدالت ۾ پڻ درخواست داخل ٿيل آهي. ڪالهه شام نماز پڙهڻ لاءِ ويل ڀاءُ محمد شمن زنئور ۽ پٽ محمد حنيف تي حملو ڪيو ويو، جنهن دوران سندس پٽ حنيف زخمي ٿي پيو.