حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سيوهڻ واسي پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتل جوڙي سيشن ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري ريحانه جويو ۽ سندس مڙس گلزار گاڏهي ٻڌايو ته انهن گذريل ڏينهن عدالت ۾ پهچي پسند جي شادي ڪئي آهي. پسند جي شادي لاءِ گهران نڪرڻ بعد ناري جا مائٽ رجب جويو، معشوق، امداد ۽ گلشير شاهه اغوا ڪرڻ بعد قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. عدالت حڪم ڏنو آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي پر پوليس بااثر ماڻهن جي چرچ تي سندن جيئڻ جي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.