حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪي شاھ پوليس جو نائين ڪلاس جي شاگرد تي مبينا تشدد، شاگرد پاران پوليس تي 10 هزار رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪرڻ جو الزام، رپورٽ موجب متاثر نينگر پوليس ظلمن خلاف وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو آهي، نائين ڪلاس جي شاگرد معيز حاجاڻي جو چوڻ آهي ته هو جمع واري شام خاصخيلي پاڙي مان کير وٺڻ لاءِ نئين پل اسٽيشن تان هيٺ لٿو ته مڪي شاهه روڊ تي بيٺل پوليس کيس روڪيو ۽ چيڪنگ بعد ٿاڻي جي ايس ايچ او کيس پنهنجي ڪار ۾ ويهاري ڇڏيو، جتان بعد ۾ کيس ٿاڻي منتقل ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، متاثر شاگرد پنهنجي وڊيو بيان ۾ پوليس تي اهو به الزام هنيو آهي ته ايس ايچ او طور نشي ۾ هو، جنهن سندس والد ڊاڪٽر انور حاجاڻو پاران پوليس خلاف ڪيل مظاهرن تي تشدد جو نشانو بڻايو، نينگر موجب پاڙي وارن جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. نينگر جو چوڻ آهي ته بيگناهه هراسا ڪرڻ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڄاڻايل نينگر سنڌ عوامي فورم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انور حاجاڻي جو پٽ آهي.