حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا پاران 30هين ڏينهن به عام واهپي جي شين جا وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سٽي  ۾ مختيارڪار علي شير مارڪيٽن جو دورو ڪري مقرر اگهن کان وڌيڪ اگهن تي عام واهپي جون شيون وڪرو ڪندڙ 7 دڪاندارن کان 5 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد لالا محمد اقبال ميمڻ، قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گدا حسين سومرو ۽ ٻهراڙي واري تعلقي ۾ مختيارڪار زوهيب ميمڻ پاران مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 14 دڪاندارن کي تنبيهه ڪئي وئي ته هو عام واهپي جون شيون مقرر اگهه تي وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.