حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف واقعن دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سخي پير ٿاڻي جي حد شهاب سئنيما روڊ تي تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان ڪار سميت فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سخي پير ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد پريل موريو تصديق ڪئي ته حادثي دوران کاتا چوڪ جي رهواسي مشتاق احمد پٽ محمد حسن قريشي فوت ٿيو آهي. ٻئي پاسي مارڪيٽ جي لبرٽي چوڪ وٽان اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 50 کان 55 سالن جي شخص جو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ان ڪري لاش مرده خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي.