حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هٽڙي، فورٽ، مڪي شاهه، بي سيڪشن، سائيٽ، هوسڙي، راهوڪي ۽ پٻڻ ٿاڻن جي حدن ۾ ٻيهر منشيات جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل ٿاڻن جي حدن ۾ جوا جي اڏن سان گڏ سماجي براين جا اڏا به سرعام کلڻ سبب شهري سخت پريشان آهن. علائقن ۾ چرس، آئيس، هيروئن، آفيم، ڪچو شراب ۽ ٻي منشيات وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، شهر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات جي وڪري، سماجي براين ۽ جوا اڏن جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن.