حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن اڻڄاتل ڦورن   بئنڪ مان رقم ڪڍرائي واپس گهر ويندڙ شهري کان لکين رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻيپور واسي علي ڏنو پٽ هادي بخش خاڪي آٽو ڀان روڊ تان خانگي بئنڪ مان رقم ڪڍرائي واپس گهر اچي رهيو هو ته ڀٽائي نگر پل وٽ کيس ڦورن يرغمال بڻايو ۽ کانئس 75 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڀٽائي نگر پوليس واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس ترجمان پاران به ڄاڻايل واقعي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ لاءِ پڌرائي ۾ پڻ جاري ڪئي وئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته کين ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او آگاهي ڏني آهي ته سندس حد ۾ اهڙي قسم جو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي. هوڏانهن متاثر شخص جي موبائيل نمبر تي ساڻس رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.