حيدرآباد: ڪوهسار واسي 4 ڄڻا سنڌو درياءُ ۾ ٻڏي فوت، لاش هٿ

0
416
چار ڄڻا سنڌو درياءُ ۾ ٻڏي فوت

حيدرآباد(ن پ ا) لطيف آباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ مبينا طور سنڌو درياءَ ۾ 4 ڄڻا ٻڏي ويا،لطيف آباد يونٽ نمبر 10سان تعلق رکندڙ چئني ڄڻن جا لاش به هٿ ڪيا ويا آهن، ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ٻڏي فوت ٿيلن ۾ 19 سالن جو نوجوان متين، 17 سالن جو اويس، 15 سالن جو حمزا ۽ 13 سالن جو عمير شامل آهن، ايئرپورٽ پوليس موجب رات دير سان ٿاڻي تي وارثن اطلاع ڏنو هو ته سندن چار نينگر گم ٿي ويا آهن، جن بابت بعد ۾ ڄاڻ ملي ته هو پنهور ڳوٺ واري علائقي ۾ سنڌو درياءَڪناري تي وهنجندي ٻڏي ويا آهن.