حيدرآباد پوليس ڀنگ لاءِ شهري اغوا ڪرڻ لڳي؟ کنڀيل نوجوان جي زال جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
350

حيدرآباد: سنڌ جَي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جي پوليس لاڳيتو جڙتو مقابلن، شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ٻين ڪاررواين سبب بحث جو موضوع بڻيل آهي

فل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪاررواين کانپوءِ پوليس تي الزام هنيو پيو وڃي ته نوجوان کي معصوم ڌيءُ سوڌو کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ وارثن کان 3 لک روپيا رشوت(ڀنگ) گهريو پيو وڃي

اهڙو انڪشاف مبينا کنڀيل عمران شيخ جي گهرواري ماهم والدين سميت احتجاج ڪيو، ناري الزام هنيو ته مڙس عمران معصوم ڌيءَ اقرا کي موٽرسائيڪل تي گهمائڻ ويو ته پوليس کيس بيگناهه کنڀي کڻي وئي

ماهم شيخ موجب مڪي شاهه پوليس مڙس ۽  ڌيءَ جي آزادي لاءِ 3 لک روپيا رشوت گهري هئي، پوليس رات دير سان معصوم ڌيءَ کي پاڙيسري عورت حوالي ڪيو، مڙس کي گم ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي: آءِ جي سنڌ