حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي حڪم تي 3 سال اڳ پٺاڻ ڪالوني مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ اي ايس پي ڪينٽ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن بعد عدالت ٻن هفتن تائين نوجوان علي رضا ڏهيو کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. سانگهڙ جي علائقي سنجهوري سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ پرائمري استاد ولي محمد ڏهيو پٽ جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته 15 جون 2020ع تي سندس پٽ علي رضا ڏهيو پٺاڻ ڪالوني ۾ سالي شهريار عرف شيري سان گڏ هوٽل تي ويٺل هو جتان کيس بلديا پوليس تحويل ۾ وٺي ٿاڻي کڻي وئي. بعد ۾ سالي کي ته پوليس ڇڏي ڏنو پر پٽ کي اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو. لاڳاپيل عدالت نوجوان علي رضا جي بازيابي لاءِ اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر کي حڪم ڏنو جنهن بعد هن ڊي ايس پي بلديا، ايس ايڇ او بلديا ۽ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر تي مشتمل 3 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرڻ بعد مهلت طلب ڪئي. عدالت اي ايس پي ڪينٽ کي حڪم ڏنو ته ٻن هفتن ۾ نوجوان کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.