ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ڪورونا ۾گهٽتائي، ملڪ ۾ شرح 3.71 سيڪڙو تي پهتي، روزاني ڪيس به 2 هزارن کان گهٽجي 1771 ٿي ويا، 24 ڪلاڪن دوران 71 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، اسلام آباد ۾ ڪورونا شرح 1.9، لاهور ۾ 1.6، پنجاب ۾2، بلوچستان ۾ 5 ۽ ڪراچي توڙي حيدرباد ۾10 سيڪڙو رهي، هوڏانهن پاڪستان پنهنجي تيار ۽ پيڪ ڪيل ڪورونا ويڪسين پاڪ ويڪ جاري ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 12 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 868 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 24976 مريضن علاج هيٺ آهن جن مان 23954 گھرن، 25 آئسوليشن سينٽرن ۽ 997 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. هن چيو ته 929 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 76 مريض وينٽيليٽر تي آهن، ڪراچي ۾ 531، حيدرآباد ۾ 54، خيرپور ۾ 24، ميرپورخاص ۾ 23، سکر ۾ 22، ڪشمور ۾ 19، بدين ۽ مٽياري ۾ 18_18، گھوٽڪي ۽ سانگھڙ ۾ 14_14، نوشهري فيروز ۾ 13، ٽنڊي الهيار ۾ 12، سجاول، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ 9_9، ٽنڊي محمد خان ۾ 6، لاڙڪاڻي ۾ 4، قمبر ۽ جيڪب آباد ۾ 2_2، دادو، ٺٽي ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن حيدرآباد ۾ عراق مان زيارتون ڪري موٽندڙ 11 زائرين کي ڀارتي ڪورونا هجڻ جي شڪ سبب گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، حيدرآباد پهچندڙ زائرين جا نمونا وٺي سندن چرپر کي روڪڻ لاءِ سندن گهرن ٻاهران پوليس بيهاري وئي. صحت کاتي جي ذريعن موجب اهي زائرين 4 ڏينهن اڳ حيدرآباد پهتا هئا، کين عراق مان هڪ فلائيٽ کڻي ڏيهه کڻي آئي هئي، ذريعن موجب سمورن زائرين جا سيمپل ليبارٽرين کي به موڪليا ويا آهن، سندن چرپر روڪڻ لاءِ سندن گهرن ٻاهران پوليس اهلڪار بيهاريا ويا آهن، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لالا جعفر تصديق ڪئي ته حيدرآباد پهچندڙ زائرين جو انگ 11 آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، انهن جون ٽيسٽون ان ڪري ڪرايون پيون وڃن جو ساڳئي فلائيٽ ۾ سوار ٿي اسلام آباد پهچندڙ 4 ڄڻن ۾ به ڀارتي وائرس جي تصديق ٿي آهي، هن ٻڌايو ته هڪ ٻن ڏينهن اندر ٽيسٽن جا نتيجا سامهون اچي ويندا، جنهن کانپوءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.ٻئي طرف سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ خانپور مھر واسڻ 65 ورھين جي نکون مينگھواڙ ۽ ڪنڌرا واسي 85 ورھين جو جان محمد ولد وريل خان فوت ٿي ويا، ٻئي طرف ڪراچي سينٽرل جي انتظاميا 127 ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ بعد مختلف علائقن ۾ 15 جون تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن سنڌ ليبر کاتي جي اختيارين صوبي جي سمورن صنعتي ادارن جي مالڪن کي سمورن ملازمن / پورهيتن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ليبر کاتي جي سيڪريٽري جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڊي جي ليبر کي به هدايت ڪئي آهي ته سمورن گھريلو ملازمن، دڪاندارن توڙي ٻين ملازمن کي ويڪسين لڳرائي هر 15 ڏينهن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.ٻئي طرف پاڪستان پاران چين جي سهڪار سان تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين پاڪ ويڪ جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، چيني سفير، صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اين آءِ ايچ جي سربراهه ميجر جنرل عامر اڪرام شرڪت ڪئي، ان ڏس ۾ اين آءِ ايچ جو چوڻ هو ته شروعاتي طور تي هڪ لک 20 هزار خوراڪون تيار ڪيون ويون آهن، اسان جو پلانٽ ماهوار 30 لک ڊوز تيار ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.