ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبي ۾ استادن جي کوٽ آهي، آءِ بي اي سکر وسيلي 37 هزار استادن جون ڀرتيون ڪيون وينديون، نائين کان ٻارهين درجي تائين جا امتحان جولاءِ مهيني ۾ ٿيندا. فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا امتحان 28 جولاءِ کان شروع ٿيندا، بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته موجوده نااهل وزير اعظم ۽ سندس پاليسين ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي مذاق بڻايو پيو وڃي. ملڪ جي جي ڊي پي گروٿ 3.9 سيڪڙو هئڻ وارا انگ اکر انهي وزير جي دور جا ٻڌايا پيا وڃن، جنهن کي وفاقي حڪومت مهانگائي ۽ معيشت جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، کنڊ اسڪينڊل تي ايف آءِ اي کان فارنزڪ ڪرائي وئي پر رپورٽ کانپوءِ به ڪارروائي نه ٿي، هاڻ هڪ سينيٽر انهن سمورن رپورٽن تي فيصلو ڪندو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪاروبار بند ڪرڻ وارا فيصلا ڏکيا آهن پر معيشت کي زندگين تي ترجيح ڏئي نٿا سگھون. ماضي ۾ به اسان واپارين سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا هئا، هاڻ به حل ڪڍنداسين. هن چيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ خلاف پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تعليم کاتي جون 155 اسڪيمون جون 2021ع تائين مڪمل ڪيون وينديون، ايندڙ مالي سال ۾ نوان اسڪول تعمير ڪرڻ بجاءِ برساتن ۾ متاثر ٿيل پراڻن اسڪولن جي مرمت وارن منصوبن کي فوڪس ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس جا امتحان جولاءِ ۾ ڪرڻ جو اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪا آهيون پر ٻين صوبن اڃا اعلان ناهي ڪيو. هن چيو ته پهرين کان اٺين درجي جي امتحانن جو اعلان به جلد ڪيو ويندو. هن چيو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ استادن جي گهٽتائي آهي، اسان کي 37 هزار استادن جون ڀرتيون آءِ اي بي سکر ذريعي ڪرڻيون آهن. هزارين اميدوارن درخواستون به جمع ڪرايون آهن پر ڪورونا صورتحال سبب ٽيسٽ نه ورتي وئي آهي.