حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عدالتي حڪم باوجود ايڇ ايم سي مان رٽائرڊ 9 ملازمن ۽ فوتين جي وارثن کي پينشن ۽ گريجوئٽي واري رقم فراهم نه ڪرڻ تي ميونسپل ڪمشنر سميت 3 عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي 26 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن مان رٽائرمينٽ بعد فوت ٿيل ملازم جانسن جي بيواهه نرگس سميت 9 ڄڻن وڪيلن معرفت پينشن ۽ گريجوئٽي فنڊ فراهم نه ٿيڻ خلاف عدالت ۾ ڌار ڌار پٽيشنز داخل ڪرايون هيون. پٽيشنز تي گڏيل طور جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت ايڇ ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ۽ اڪائونٽ آفيسر کي پابند بڻايو هو ته پٽيشنرز کي رهيل رقم ادا ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي پر ان تي اڃا تائين ڪو به عمل ناهي ٿيو. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ٽئي عملدار ڪٿي آهن ۽ انهن عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي ڪرايو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي خاطر خواهه جواب نه ڏنو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽنهي عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري کين ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پاران ٻڌڻي جي جاري ڪيل تفصيلي آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جو چيف مينيجر، سنڌ بئنڪ جو ايريا مينيجر ۽ نيشنل بئنڪ جو ريجنل هيڊ ايڇ ايم سي اڪائونٽس کي پينشنرز جي اڪائونٽس سان منسلڪ ڪري 2 ڪروڙ رپيا رقم بابت رپورٽ فراهم ڪن جڏهن ته عدالت مڪاني کاتي جي وزير کي پابند بڻايو آهي ته هو عدالتي حڪم تي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن ملازمن کي سندن رهيل رقم فراهم ٿي سگهي.