حيدرآباد: مبينا تشدد ۾ مارجي ويل پورھيت وارو مامرو، جوابدارن جي حفاظتي ضمانت منظور

0
195

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڏيپلائي ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن اڳ شادي هال ۾ ڄاڃين هٿان قتل ٿيل ويٽر پورهيت ٺارو شورو وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪيس ۾ نامزد چئني جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، جوابدار شاهه محمد شاهه، فرمان شاهه، شهزان شاهه ۽ رضوان علي شاهه وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد چئني جوابدارن جي 50,50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کين لاڳاپيل عدالت م پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، واضح رهي هڪ ڏينهن اڳ شادي هال ۾ پليٽون صاف نه ڪري ڏيڻ تان ٽنڊو فضل جي رهواسي ڄاڃين جي مبينا تشدد ۾ پورهيت مارجي ويو هو، بلديا پوليس مقتول پورهيت ٺارو شورو جي سئوٽ شوڪت شورو جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو.