حيدرآباد: سول اسپتال جي جيل وارڊ مان 3 قيدي ڪيئن فرار ٿيا؟

0
230

حيدرآباد: سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ مان پراسرار نموني 3 جوابدار لاپتا ٿي ويا آهن، ذريعن موجب فرار ٿيل جوابدار سينٽرل جيل جا قيدي هئا. لاپتا ٿي ويل جوابدارن ۾ عرفان بليدي, بابر لاکو ۽ محسن مسيح ٻڌايا پيا وڃن.عرفان بليدي خلاف نسيم نگر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هو، محسن مسيح تي ٽنڊو ڄام ۽ بابر لاکو کي هٽڙي پوليس گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو. اسپتال انتظاميا وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته سول اسپتال جو جيل وارڊ سان ڪو تعلق ناهي، هوڏانهن سينٽرل جيل جي سپرنٽنڊنٽ جو چوڻ هو ته سينٽرل جيل جو ڪو به قيدي اسپتال واري وارڊ ۾داخل نه آھي، اسپتال واري وارڊ کي ڊسٽرڪٽ پوليس سنڀالي ٿي، اهو وارڊ هاڻي ڪووڊ وارڊ طور استعمال ٿئي ٿو.