هڪ ڏينهن يوگا ۽ هڪ ڏينهن ايڪسرسائز ڪندو آهيان: مولانا طارق جميل

0
293

ڪراچي (مانيٽنگ ڊيسڪ) ناليواري عالم دين مولانا طارق جميل پنهنجي فٽنس پويان لڪل راز ٻڌائي ڇڏيو، نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽروي ۾ مولانا طارق جميل کان فٽنس بابت صحافي سوال ڪيو، جنهن تي مولانا طارق جميل چيو ته هو روزانو جم ۾ ايڪسرسائز ڪندو آهي، هو هڪ ڏينهن يوگا ۽ هڪ ڏينهن ايڪسرسائز ڪندو آهي، مولانا طارق جميل جو چوڻ هو ته کيس ڪاليج لائف کان ئي ايڪسرسائز ڪرڻ ۽ فٽ رهڻ جو شوق هو، ايڪسرسائز ۽ يوگا سبب پنهنجي فٽنس برقرار رکي آهي.