حيدرآباد: حادثي ۾ زخمي ٿيل جناح لا ڪاليج جو پرنسيپل ۽ سينيئر وڪيل دم ڏئي ڇڏيو

0
202
حيدرآباد: حادثي ۾ زخمي

حيدرآباد(ن پ ا) نوري آباد ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل جناح لا ڪاليج جو پرنسيپل ۽ سينيئر وڪيل سيد ناصر شاهه زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، حادثي ۾ سندس ڊرائيور منير  احمد ڪالهه ئي ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويوآهي

سيد ناصر شاهه جي جنازي نماز منجهند ڏيڍ وڳي ڊاڪٽر لائين صدر ۾ ادا ڪئي ويندي، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ايڊوڪيٽ ناصر شاهه جي وفات تي سڀاڻي سوڳ ۾ عدالتي ڪاروايون معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

صدر عشرت علي لوهر ۽ محمد آصف شيخ جو چوڻ آهي ته سيد ناصر شاهه جي حادثي ۾ لاڏاڻي سبب دلي صدمو رسيو آهي ان لاءِ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران سڀاڻي سوڳ طور عدالتي ڪاروايون معطل رهنديون، سيد ناصر شاهه گذريل 5 سالن کان جناح لا ڪاليج جو پرنسيپل هو جڏهن هو بار جو عهديدار رهڻ سان گڏ سينيئر وڪيل به هو