حيدرآباد جي عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڀينرن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي

0
215
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) حيدرآباد جي عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڀينرن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، سول جج جديشل مئجسٽريٽ نمبر 10 جي عدالت جوابدار عورتن مسمات شيرين ۽ سندس ڀيڻ فرخنده پٺاڻ کي 25,25 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ڪجه ڏينهن اڳ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران ٻنهي ڀينرن کي گرفتار ڪري مٿن هڪ ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.