حيدرآباد: اڳوڻو مختيار ڪار 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

0
216
حيدرآباد: اڳوڻو مختيار ڪار 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
حيدرآباد: اڳوڻو مختيار ڪار 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد (ن پ ا) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جي عدالت اڳوڻي مختيار ڪار ماجد خاصخيلي کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي نسيم نگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

نسيم نگر پوليس قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ، ان دوران مختيارڪار جي وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄاڻايل ڪيس تي اسٽي ڏنو هو، پوليس مختيارڪار کي غيرقانوني حراست م نه ٿي رکي سگهي

ايس ايڇ او نسيم نگر مالڪ ابڙو چيو ته اسلام آباد پوليس مختيارڪار کي گرفتار ڪري اسان جي حوالي ڪيو آهي

عدالت ٻنهي ڌرين جي دليل ٻڌڻ بعد مختيارڪار کي 3 ڏينهن لاءِ پوليس جاچ ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو