حويلي مان گم ٿيل ثنا گراماڻي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جو رمانڊ منظور

0
215

راڻيپور جي عدالت پيرن جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري ثنا گراماڻي واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

فاطمه ڪيس کانپوءِ قمبر واسڻ ناري ثنا گراماڻي جا والدين سامهون آيا هئا ۽ ڌيءُ کي گم ڪرڻ جا الزام هنيا ويا هئا

پوليس ناري جي گمشدگي ڪيس ۾ پير سهيل شاهه ۽ رياض مشوري کي گرفتار ڪيو هو

رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ پوليس جوابدارن کي راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

واضح رهي ته ثنا گراماڻي جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، وارثن موجب زال مڙس ۾ جهيڙي کانپوءِ هو ناري کي پيرن وٽ امانت طور ڇڏي آيا هئا، پيرن ٻڌايو ته ناري حويلي مان نڪري وئي آهي

هي به پڙهندا

اسڪول ايندڙ عورتون ماسترياڻيون ناهن، ڀاءُ کي ڀيڻيوي سازش تحت ڦاسايو آهي:جوابدار جي ڀيڻ جا اهم انڪشاف