حمزه شهباز جي حلف برداري رولڙي جو شڪار، صادق سنجراڻي ڏانهن اماڻيل جهاز خالي موٽي آيو

0
271
حلف برداري رولڙي جو شڪار
حمزه شهباز جي حلف برداري رولڙي جو شڪار، صادق سنجراڻي ڏانهن اماڻيل جهاز خالي موٽي آيو

لاهور: پنجاب جي نئين وڏي وزير جي حلف برداري تقريب اڄ ٻيهر شڪي بڻڪي وئي آهي ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي لاءِ لاهور مان اسلام آباد اماڻيل جهاز خالي واپس موٽي آيو

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي پنجاب جي نئين وڏي وزير حمزه شهباز کي حلف کڻائڻو هو، گورنر هائوس ۾ تقريب جاري آهي، پنڊال ۾ لڳ ڀڳ 600 مهمانن کي گهرايو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي نئين وڏي وزير جي حلف برداري تقريب جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو