حشو ڪيولراماڻي ۽ نوجوان  سنڌي

0
775
حشو ڪيولراماڻي ۽ نوجوان  سنڌي

حشو ڪيولراماڻي سنڌ جو بي باڪ دانشور ، صحافي،  مترجم ۽  0194ع واري ڏهاڪي ۾  سنڌي نوجوانن جي تربيت ڪندڙ مفڪر هو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته حشو اڄ کان سئو سا اڳ واري ننڊاکڙي سنڌ جو جادوئي فرد هو، سنڌي قومپرستي جي بانيڪار  جي ايم سيد“ جنبُ گذاريم جن سين” ۾ حشو کي پنهنجو سياسي استاد  مڃي پنهنجي پيروڪارن  ۾  کيس امر بڻايو آهي، سيد حشو کي اهو احوال پنهنجي ڪتاب لاءِ لکڻ لاءِ چيو هو. حشو پاڻ بابت اهو ذڪر پڙهي، سيد کي خط   لکيو جيڪو “اڄ پڻ چڪيم چاڪ”  ۾ موجود آهي، ته  حشو سيد جو سياسي نه پر ادبي استاد هو،  حشو  جو سياسي استاد سندس معصوم آرٽسٽ  پٽ گُل راماڻي هو.

 حشو ڪيولراماڻي بابت ٻيو اهم ماخذ  شاعر، وڪيل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر شيخ اياز جون آٿم ڪٿائون آهن. اياز “ ساهيوال جي ڊائري” ۾  حشو سان دهلي جي ڀڳت سنگهه مارڪيٽ واري فليٽ  ۾  1963ع  جي سياري ۾  آخري ملاقات  جو ذڪر  ڪيوآهي جنهن ۾ حشو  پوري محفل ۾ اياز کان  قبولرائڻ ٿي گهُريو ته حشو جي لائبريري مان ڪتاب پڙهي  شڪارپور وارو مبارڪ شيخ اياز بڻيو هو. اياز کي اها ڳالهه بُري لڳي.  شيخ اياز  پيريءَ تائين حشو جي پاڇي کان به پري رهيو. “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر” واري آتم ڪٿا ۾  ٽيهارو  کن پنن ۾ ياد ڪيانئينس تيستائين حشو فوت ٿي چڪو هو.  سنڌي نوجوان شيخ اياز جا ڪتاب پڙهي حشو ڪيولراماڻي بابت راءِ  ۽ تصب سکندا آهن.

پر حشو ڪيولراماڻي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي  سندس ڪتاب ۽ لکتون  پڙهڻيون پونديون، سوڀو گيانچنداڻي  حشوڪيولراماڻي بابت عوامي آواز ۾ 1992ع ۾  لکيل آرٽيڪل ۾  اها ئي ڳالهه  ڪئي ته  1940ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي نوجوان  جي تربيت ۾ حشو ڪيولراماڻي جو   وڏو هٿ هو،  سندس لکڻيون   ڳولي پبلش ڪرائڻ جي تجويز  ڏنائين. حشو ڪيولراماڻي 1942ع ۾   ڪاليجن جي فيس ۾ واڌاري  خلاف سوڀي گيانچنداڻي وارن کي  شاگرد مارچ لاءِ تربيت ڏني ۽ سامراج خلاف پوسٽر ٺهرايا.  شاگرد مارچ جي سنهري باب جو ذڪر  دايو نٿاڻي جي ڪتاب  “ڪراچي اسٽوڊنٽس آن دي مارچ” ۾  موجود آهي.  ان ڪتاب ۾ حشو ڪيولراماڻي تعليم ۽ سياست تي مهاڳ به لکيو آهي.

 2010 ع ۾  غلام رباني آگري  “ترقي پسند تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر” نالي ڪتابڙو لکيو، ان ۾ حشو جي ذاتي زندگي بابت ڇرڪائيندڙ سوال اٿاريائين. 2015ع ۾ حشو جا آرٽيڪل ۽   ڪتاب  سهيڙي ترجمو ڪري،   جولائي 2015ع ۾ روشني پبليڪشن وارن  ڏانهن مسودو  اي ميل  ڪيو هو. صلاح ڏني وئي ته حشو بابت مدد علي سنڌي  سان فون تي ڳالهايان ته ڪتاب اڃان سٺو ٿي ويندو. آگسٽ 2015ع ۾ کيس فون ڪيم، هن چيو ته  1980ع واري ڏهاڪي  ۾ ڀريا ۾ هن حشو جي گهر جون تصويرون ورتيون هيون پر ڀريا شهر جي صحافي اعجاز نصير جي آرٽيڪل ۾  پڙهيو هئم ته  1950 واري ڏهاڪي ۾  حشو جو گهر ڊهي چڪو هو ته شڪ ٿيو ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مدد علي اها تصوير ٻئي ڪنهن  جي گهر جي ورتي هوندي.  هن وڌيڪ ٻڌايو ته حشو ڪيولراماڻي کيس 1972ع ۾  دهلي واري فليٽ تان خط لکيا هئا، پر حشو جي پٽ گل راماڻي  ٻڌايو هو ته حشو جي سرلا راماڻي سان 1968ع ۾ طلاق ٿي هئي ۽ هو دهلي وارو فليٽ ڇڏي بمبئي وڃي چڪو هو  ته  پوءِ شڪ ٿيو ته  مدد  علي ڏانهن  اهي خط  دهلي مان حشو بدران ٻئي ڪنهن لکيا هوندا.

   مدد علي  اهو به چيو  حشو پنهنجي ماءُ ۽ پٽ جا فوٽو به دهليءَ مان  کيس موڪليا هئا. منهنجو خيال هو ته اهي تصويرون  حشو 1950 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجن دوستن جهڙوڪ جي ايم سيد، ابراهيم جويو، اياز، جمال ابڙي ۽ رباني ڏانهن  موڪليون هيون ۽ حشو جي خطن ۾  اهڙا اشارا ملن ٿا، مدد علي 1972ع ۾ جساف جي صدر ۽ اڳتي قدم رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ حشو بابت مواد  انهن کان ورتو هوندو.  مدد علي جو حشو سان ڪو به سڌو واسطو نه هو. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي  سيڪريٽري اعجاز منگي  2008ع ۾  مدد علي جي ڪليات “دل اندر درياو”   ڇپايو هو، ان ڪليات ۾ ته  قرت العين حيدر  جي ناول قلندر جو  1982ع ۾  ڪيل سندس سنڌي ترجمو  حشوڪيولراماڻي کي ارپيل آهي،  پر ڪُليات ۾ حشو ڪيولراماڻي جا قيمتي خط  ۽ ڀريا واري گهر ، ماءُ ۽ پٽ جون تصويرن  نه ڏنيون ويون جڏهن ته هر ننڍي وڏي  واقفڪار اديب جا خط ۽ فوٽو شامل هئا.

مون کي احساس ٿيو ته مدد عليءَ وٽ  حشو بابت ڪا نئين ڳالهه نه هئي، ايئن هن  حشو تي الڳ ڪتابڙو آندو ۽ پوءِ مون وارو ڪتاب اپريل 2016ع ۾ ڇپيو.تاج جويو   هڪ هنڌ چيو ته حشو 1936ع ۾ سجاد ظهير سان انجمن ترقي پسند مصنفين ۾ شامل هوندو.  پر ان ڳالهه جو ڪو  ثبوت نه آهي. “جنب گذاريم جن سين”  لاءِ حشو  1936ع کان 1939ع تائين  لنڊن ۾  زندگي  جو احوال سيد ڏانهن لکي موڪليو هو،   ته  ان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين سان واسطي جو ڪو اشارو نه ڏنو اٿائين. حشو لنڊن ۾ انڊين ليگ جو صدر هو،  اندرا،  فيروز ۽ ڪرشنا مينن سان واسطيداري هئس پر ان واسطن کي ذاتي مالي مفاد لاءِ استعمال نه ڪندو هو. هڪ ٻيو الميو ڏسو ته نيولبرل سرمائيداري قبوليندڙ  اين جي او واري دانشور جنهن فيوڊل سنڌ جي نوجوانن ۾ ڪميونزم  سان گڏوگڏ  جهموريت جو سياسي شعور ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي اداري مان لکين ڊالر ڪمايا ۽ پراڻا سنڌي ڪتاب ڇپايا ۽  پيپلزپارٽي جوصلاحڪار بڻيو، تنهن حشو تي ٽوڪ ڪندي لکيو ته هو معصوم هو !  هن مطابق حشو پنهنجي ذهانت  سان  رتبو ۽ دولت نه  ڪمائي سگهيو، زندگي جر ڦوٽو هئي ۽  سچ ۽ انقلاب  لاءِ سنڌ ۾ معروضي حالتون ناهن، سو ڪم ٽُپائجي نه ته بُرو حشر ٿيندو.

 حشو انڊين ڪميونسٽن وانگر روس جي سياسي نظام  تي گهور نه ويندو هو، اسٽالن جي عملي سياست  ۾  دانشورن، اديبن، سياسي مخالفن ۽ فردن جي آزادي کسي وئي، تنهن تي تنقيد ڪندو هو، کيس برداشت نه ڪيو ويو. حشو ڪيولراماڻي پاڻ کي شرنارٿي ڄاڻي  ڪيرت،  مالهي، اتم ۽ پوپٽي وانگر انڊين رياست کان ڪا به ڪمپنسيشن نه ورتي هئي. ننڍي کنڊ ۽ فيوڊل سنڌ جي منفي قدرن کي  ٽوڙي  عالمي حساسيت رکندڙ نئون سنڌي بڻيو هو، جنهن کي سنڌي ٻولي سان دلي لڳاءُ هو ۽ ذوالفقار ڀٽي وانگر عام سنڌين جي بيعزتي  ڪرڻ لاءِ  سنڌي ٻولي نه ڳالهائيندو هو، حشو مٺاس واري سنڌي ٻولي لکندو هو ۽ سنڌي ڪهاڻيون معياري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو. 1964ع ۾ ارجن شاد جو نظم ترجمو ڪيو هئائين؛

جنهن ۾ ماءُ ڏني مون کي لولي

اها زنده رکندس ٻولي!

منهنجي دل جي صدا ڪو ڪيئن ٻڌي

وڃي مون کان زبان جي ڪوئي کسي

هن پنهنجي سگهاري سنڌيءَ سان

مان نانءُ ستم جو مٽائيندس!

مون کي ياد رهي سا ڏولي

جنهن ۾ ماءَ ڏني مون کي لولي!