حساس پولنگ اسٽيشنون ۽ سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام

0
34
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن به جنگ وانگر وڙهي ويندي آهي، ان ڪري هتي عام چونڊون هجن يا مڪاني چونڊون، رتوڇاڻ جا واقعا مشاهدي ۾ ايندا رهيا آهن، جنهن جو سبب اسان وٽ چونڊن جي حوالي سان موجود تصور آهي ته اهي هر صُورت ۾ کٽڻيون آهن، ان “هر صورت” واري هوڏ ئي ان خونريزي جو سبب هوندي آهي. هن ڀيري به چونڊن کان اڳ ۾ ئي جهيڙن، حملن، رتوڇاڻ وارا واقعا شروع ٿي ويا آهن. سياسي ڪارڪنن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ هُجي يا پوليس سان ٽڪريون، نقصان جو سبب بڻجي رهيون آهن. ڪراچيءَ ۾ جاني نقصان جون خبرون آهن ته ملڪ جي ٻين شهرن مان پڻ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. اهي ته چونڊن کان اڳ واريون حالتون آهن، پر چونڊن دوران صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو، جو اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 50 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنو آهي. سنڌ ۾ 68.6 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن کي سيڪيورٽي جي حوالي سان حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن تي پولنگ وقت جهيڙن ۽ رتوڇاڻ جا امڪان آهن. سنڌ جي 13 ضلعن ۾ سياسي ڪارڪنن جي ٽڪراءُ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

چونڊن جا شفاف نتيجا صرف ان صورت ۾ ممڪن بڻجي سگهندا آهن، جڏهن امن امان جون حالتون بهتر هجن. سنڌ ۾ سياسي ڌرين ۾ شديد ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جهڙي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي هئي. هن وقت ماڻهن ۾ ووٽن جي حوالي سان حساسيت به نظر اچي رهي آهي ۽ چونڊ ورڪ ڪندڙ اُميدوار جڏهن به ڳوٺن ۾ وڃن ٿا ته ووٽر انهن کان سخت پُڇاڻو ڪري رهيا آهن. اهڙن موقعن تي پڻ ٽڪراءُ ۽ جهيڙن جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن. هن وقت ته اليڪشن جي ڪري امن امان جي وڌيڪ ضرورت آهي پر عام حالتن ۾ به هتي امن امان جون حالتون انتهائي بدتر رهيون آهن. سنڌ جي اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعا ڌاڙيلن کي ڄڻ ته مقاطعي تي ڏنل هجن. ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن، مغوين کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ ڏهڪاءُ وارو ماحول آهي، ان کان سواءِ مختلف ڌُرين ۾ سوين قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن ۽ شايد ئي ڪو ڏينهن هُجي جو خُونريزي جو ڪو واقعو نه ٿيندو هجي. سنڌ ۾ ڏهاڪن کان جاري اها قبيلائي دهشتگردي بند ٿي نه سگهي آهي. ان کان سواءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا پڻ ٿي رهيا آهن. جڏهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اليڪشن جي سيڪيورٽي جي انتظامن ۾ مصروف هوندا ته ڏوهاري وارداتن لاءِ رستو صاف هوندو ۽ سنڌ ۾ اهي وارداتون انهن ڏينهن دوران وڌي سگهن ٿيون. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته، جمهوريت سان ازلي وير رکندڙ قوتون جمهوريت جي تسلسل ۾ رخنو وجهڻ لاءِ ڪو به ممڻ مچائي سگهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي نگران انتظاميا جون ذميواريون اڃا به وڌي وڃن ٿيون ته اها نه صرف ووٽرن ۽ اليڪشني عملي ۽ اميدوارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائي پر سنڌ جي مجموعي امن امان جي صورتحال کي به ڪنٽرول ڪري. اسان شروعات کان ئي نگران منتظمين جو ڌيان امن امان جي ابتر صورتحال ڏانهن ڇڪائيندا رهيا آهيون پر انهن لڳ ڀڳ پنجن ڇهن مهينن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جا اُپاءُ نه ورتا ويا ۽ حالتون اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. توڙي جو سنڌ ۾ پوليس سيڪيورٽي تي 62 ڪروڙ رُپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي پر ڇا ايترو وڏو خرچ ڪرڻ باوجود مڪمل طرح سيڪيورٽي جي ذميواري پوري ٿي سگهندي.

هاڻي جڏهن چونڊن ۾ هفتو کن مس وڃي بچيو آهي ۽ اهو وقت به انتظامن ۽ پوليس جي مقررين ۾ لڳي ويندو ۽ نگران انتظاميا کي وڌيڪ مهلت ئي نه هوندي جو اها ڪي وڌيڪ اُپاءُ وٺي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، پنهنجون سموريون انتظامي توانايون ۽ وسيلا خرچ ڪري سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. هتي اسان اُميدوارن کي پڻ اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته اهي سياسي سهپ جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي به اهڙي تلقين ڪن ته جيئن چونڊن جو عمل پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿي سگهي.