اليڪشن ڪميشن ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڇو ٿي ڌڪڻ چاهي؟

0
36
اليڪشن ڪميشن ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڇو ٿي ڌڪڻ چاهي؟

 هٿيارن جي صنعت سان لاڳاپيل ملڪن جي گلشن جو ڪاروبار تڏهن ئي هلي ٿو، جڏهن سڄي گرهه تي مختلف ملڪن ۾ جنگيون هجن، يا عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪجي، اهڙو ڏهڪاءُ پيدا ڪجي جو هن گرهه تي خوف جا ڪارا ڪڪر مستقل ڇانيل رهن ۽ هٿيارن جي صنعت تي انحصار رکندڙ لٺ سردار آمريڪا ۽ ان جا ساٿاري ملڪ يا ته سڌيءَ ريت حملا ڪري جنگ مڙهيندا رهيا آهن يا وري مختلف پراڪسيز ذريعي جنگي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهن هٿيارن جي کپت ٿيندي رهي.

                 ان خوف، لوڀ ۽ لالچ سبب هن گرهه تي ايترا ته هٿيار گڏ ڪيا ويا آهن، جو ان کي ڪيترائي ڀيرا تباهه ۽ برباد ڪري سگهجي ٿو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي ته بس بهانا کپن. تازو اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ڊرون حملي ۾ ٽي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته 25 زخمي ٿيا آهن. ان حملي جو الزام ايران تي هنيو ويو آهي. توڙي جو ايران ان حملي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي، پر ان جي باوجود آمريڪي سينيٽرن ايران تي سڌي حملي جي گهر ڪري ڇڏي آهي.

ماضيءَ ۾ آمريڪا جي، ٻين ملڪن تي حملن واري رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. ايران تي جيڪڏهن ڪو اهڙو حملو ٿئي ٿو ته ظاهر آهي ته ان جو اثر ايران جي پاڙيسري ملڪن تي به پوندو. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اسان جو ملڪ هوندو، ڇو ته مسلڪي لحاظ کان به پاڪستان مان ايران جي حمايت وڌندي ۽ پاڪستان جو عوام ان ۾ اڻ ڌريو رهي نه سگهندو. آمريڪا توڙي جو حوثين خلاف، جن کي ايران جي حمايت حاصل رهي آهي، پاڪستان کان مدد طلب ڪئي آهي، پر رپورٽ ٿيل خبرن موجب، پاڪستان ان ۾ مدد ڏيڻ ۽ ان معاملي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي. ٻئي طرف افغانستان مان به کٿابين جي کؤنس جاري آهي. اڀرندي سرحد تان خطرن ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿي آهي.

هتي اها تمهيد ٻڌڻ جو مطلب اهو ٻڌائڻ آهي ته جڏهن خطي ۾ اهڙي نازڪ صورتحال آهي ته هن وقت ملڪ ڪنهن اندروني بحران جو بار کڻي نٿو سگهي. مٿان وري هڪ هفتي کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، جيڪي پڻ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٿين پيون. ملڪ جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته غير جمهوري قوتن هميشه ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. ايتري قدر جو انهن جي ئي پاليسين سبب ملڪ ٽُٽي ويو پر ان جي باوجود تاريخ مان ڪجهه به سکڻ جي ڪوشش نٿي ڪئي وڃي. ٿيڻ ايئن گهربو هو جو اهي چونڊون  شفاف نموني ڪرائي اقتدار اختيارن سميت چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو وڃي، پر اهڙا آثار نظر نٿا اچن ۽ هينئر کان ئي اليڪشن چورائڻ جي تياري نظر اچڻ لڳي آهي.

2018ع وارين عام چونڊن ۾ آر ٽي ايس ذريعي اهي رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي. اهو آر اوز تائين نتيجا پهچائڻ جو سسٽم هو، جنهن ۾ پهرين خرابي پيدا ٿي ۽ پوءِ اهو بند ٿي ويو. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران وري نئين جادوگري شروع ٿي ۽ اِي وي ايم (اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين) متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جي خرابين سبب سياسي ڌرين ان جي مزاحمت ڪئي، ڇو ته انهن جي سامهون آر ٽي ايس جو تجربو موجود هو. هن وقت اهڙين ئي ڪوششن جي تسلسل طور نئون تجربو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان نه صرف چونڊن تي سوال اٿندا پر ان جا نتيجا به گهڻو تڪراري بڻجي ويندا.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نادرا جي مدد سان اِي ايم ايس (اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم) جي نالي سان هڪ سرشتو جوڙي ورتو آهي، جيڪو بدنامِ زمانا آر ٽي ايس جي ئي بدليل صورت آهي. اهو هڪ نئون تجربو آهي جيڪو هن ڀيري ڪيو پيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جي دعوا آهي ته اهو سرشتو آر ٽي ايس کان وڌيڪ بهتر نتيجا ڏيندڙ آهي. تازو ان سسٽم جي مشق ڪئي وئي پر حيرت اها آهي ته نه مشاهدي لاءِ سول سوسائٽي کي گهرايو ويو ۽ نه ئي وري انهن ادارن کي گهرائڻ جي زحمت ڪئي وئي، جن کي اليڪشن مانيٽر ڪرڻي آهي.

هيستائين ان سسٽم جون چار مشقون ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي 859 هنڌن تي آر اوز ان سسٽم ذريعي نتيجن جي ترسيل ۽ ترتيب جي تجرباتي مشق ڪئي، جنهن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر به شامل هئا. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جو پهرين مشق ۾ سامهون ايندڙ ڪوتاهين کي ختم ڪري ٻي مشق ۾ سول سوسائٽي ۽ اليڪشن مانيٽر ڪندڙ ادارن کي به شامل ڪيو وڃي ها ته جيئن اهي به ان سسٽم جو مشاهدو ڪري سگهن ها پر ايئن نه ڪيو ويو ۽ هٿ وٺي شروعات ئي اهڙي ڪئي وئي آهي، جو اهو سسٽم تڪراري بڻجندو ۽ تاثر اهو ئي اڀرندو ته اهو سسٽم به اليڪشن چورائڻ واري ڪوششن جو تسلسل آهي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ان ڪري به حيران ڪندڙ آهي جو چيو ويو آهي ته 8 فيبروري وارن چونڊ نتيجن جو اعلان ان ئي تاريخ تي ڪرڻ بدران 9 فيبروري تي رات جو هڪ وڳي ڪيو ويندو. اها ڳالهه پڻ رپورٽ ٿي آهي ته، ته انهن نتيجن کي ايستائين اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ ۾ رکيو ويندو، جيستائين اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ڪري ته نتيجو ڪڏهن ظاهر ڪرڻو آهي. مطلب ته اليڪشن ڪميشن 36 ڪلاڪ نتيجا روڪي پوءِ ظاهر ڪندي ۽ وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي پولنگ بعد نتيجا جاري ڪرڻ تي بندش هوندي. مبصر اهي سوال به اٿاري رهيا آهن ته اليڪشن ڪميشن آخر ائين ڇو ٿي چاهي ته نتيجن جو اعلان صرف ان جي ئي پليٽ فارم تان ڪيو وڃي؟ آخر نتيجن کي خفيه رکڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ اليڪشن ڪميشن آخر ان مان ڇا ٿي حاصل ڪرڻ چاهي؟

ان طرز عمل سان اليڪشن جا نتيجا تڪراري بڻجندا. اڳ ۾ ايئن ٿيندو هو جو پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا هئا پر هاڻي ايئن نه ٿي سگهندو. هر آر او کي توڙي جو ٽي ڊيٽا انٽري آپريٽر، ڊي ايس ايل توڙي واءِ فاءِ جي سهولت ميسر هوندي، سوال اهو آهي ته، ان جي باوجود، آخر انهن نتيجن ۾ ليٽ ٿيڻ جو جواز ڪهڙو هوندو؟ اليڪشن ڪميشن 36 ڪلاڪن تائين اهي نتيجا پنهنجي رڪارڊ ۾ رکڻ کانپوءِ جڏهن ظاهر ڪندي، تڏهن به اهي غير حتمي نتيجا هوندا. هن وقت ئي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واريون حالتون پيدا ٿي ويون آهن. سياسي ڌرين ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي ۽ اڃان ته سائفر ڪيس جو فيصلو اچڻو آهي. هن وقت جيڪي حالتون آهن، اهي ئي گهڻي ڇڪتاڻ واريون آهن، ڇڪتاڻ گهڻي وڌي تي ته ٽڪراءُ ٿيندو، معاملو ڪنهن ٻي “9 مئي” جهڙي صورتحال ڏانهن به وڌي سگهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون وارن امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي پي ٽي آءِ کي اليڪشن جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍڻ کان روڪڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون ٿيون ۽ ان دوران حماد اظهر جي والد، پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظهر سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. اها صورتحال وڌي ته حالتون گهڻيون خراب ٿي وينديون.

جڏهن ملڪ ۾ اندروني طور تي ڇڪتاڻ هجي، سرحدن تي به حالتون بهتر نه هجن، ملڪ معاشي بحران ۾ وڪوڙيل هجي، ان وقت وڌيڪ تدبر وارن فيصلن جي ضرورت رهي ٿي. جيڪڏهن اهڙي طوفاني صورتحال ۾ اليڪشن نتيجن جو تڪرار شروع ٿيو ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ۽ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، تڪراري ڊوائسز ۽ سرشتن ذريعي چونڊ نتيجن کي تڪراري بڻائي، وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڇو ٿي ڌڪڻ چاهي؟