حج جا وي لاگز واندڪائيءَ ۾ ٺاهيندا آهيون: ندا/ ياسر

0
25
حج جا وي لاگز واندڪائيءَ ۾ ٺاهيندا آهيون: ندا/ ياسر
حج جا وي لاگز واندڪائيءَ ۾ ٺاهيندا آهيون: ندا/ ياسر

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ٽي وي ميزبان ندا ياسر ۽ سندس مڙس ياسر نواز چيو آهي ته اسان وي لاگز پنهنجي عبادتن کي ڇڏي نه پيا ٺاهيون پر عبادتن کانپوءِ جڏهن اسان کي واندڪائي ملندي آهي ته اهي وي لاگز ٺاهيندا آهيون

ندا ۽ مڙس ياسر حج جي سلسلي ۾ سعودي عرب ۾ آهن. ندا ياسر حج دوران تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ تي تنقيد کانپوءِ هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هي ويلاگز رڳو ان لاءِ ٺاهي رهيا آهيون، ڇو ته جيڪي ماڻهو هتي نٿا اچي سگهن

اهي هن خوبصورت، مبارڪ ۽ پاڪيزه جاءِ کي اسان سان گڏ پنهنجي اکين سان ڏسي سگهن