جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو پاڻي جي واري تان جهيڙو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي زال مڙس کي زخمي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ديھ 366 ۾ ٿهيم برادري جي ٻن ڌرين پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گل محمد ٿهيم ۽ سندس گهر واري مسمات بچي ٿهيم زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو ويو زخمي گل محمد ٿهيم ٻڌايو ٻني تي پاڻي واري رهيو هئس ته رمضان ٿهيم، جعفر ٿهيم، روشن ٿهيم مون تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻي پاسي جهڏو پوليس موجب ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.