اسان غدار آھيون ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ثبوت ڏين: شھباز شريف

0
267

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر شھباز شريف چيو آھي ته جيڪڏھن اسان غداري ڪئي تھ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ثبوت قوم جي سامھون آڻين

سپريم ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي شھباز شريف چيو ته آئين ٽوڙيندڙن جو علاج نه ٿيو ته پاڪستان بنانا ريپبلڪ بڻجي ويندو، جيڪڏهن اسان غدار آهيون ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ثبوت قوم آڏو پيش ڪن

شھباز شريف چيو تھ جيڪڏهن اسان ڪو ڏوهه ناهي ڪيو ته پوءِ سڀ ڪجهه ڪليئر ٿيڻ گهرجي: نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آفيشل دعوت ئي نه ملي هئي، ڪيئن شرڪت ڪريون ها؟

ھي به پڙھندا

اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏيئي ته به بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪري سگهي: چيف جسٽس