چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، مونجهارو نه پکيڙيو وڃي: چيف جسٽس

0
64
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سياستدانن جي تاحيات نااهلي واري سوال تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، مونجهارو نه پکيڙيو وڃي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿو ته اختيار سپريم ڪورٽ وٽ به هوندو

سياستدانن جي نااهلي متعلق اليڪشن ايڪٽ هلندو يا سپريم ڪورٽ فيصلو، آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو سپريم ڪورٽ ۾ جاري آهي

درخواستگذار فيضا احمد غوري ۽ سجاد الحسن جي وڪيل خرم رضا عدالتي دائره اختيار تي سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ هي ڪيس ڪهڙي دائره اختيار تي ٻڌي رهي آهي، ڇا آرٽيڪل 187  تحت، آرٽيڪل 62 ۾ ڪورٽ آف لا جي تعريف ناهي ٻڌائي وئي

چيف جسٽس چيو ته  جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سياستدانن کي تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اهي اختيار سپريم ڪورٽ وٽ به هوندا