جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي ڏنگر پاڙي جي رھواسي 14 ورھين جي نينگر اويناش کي 5 جوابدارن پاران پنج ڏينهن اڳ سٽي ٿاڻي جي حد آدم خان پنهور روڊ تي موبائل، 20 ھزار روڪ رقم ڦرڻ ڪار ۾ اجتماعي بدفعلي جو انڪشاف ٿيو آهي.والد راجيش ڪمار سٽي ٿاڻي تي پھچي دانھيو ته 5 جوابدارن پنج ڏينهن اڳ سندس پٽ کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موبائل ، 20 ھزار روڪ ڦرڻ بعد ڪار اندر اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻايو. راجيش ڪمار جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي جوابدارن ساحل چانڊيو، ببلو مگسي، مرتضيٰ بروهي، راشد جمالي ۽ ھڪ اڻڄاتل خلاف اجتماعي زيادتي، ڦر ۽ ڌمڪين جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سٽي پوليس ٻڌايو ته 27 آگسٽ جي رات پنج جوابدارن آدم خان پنهور روڊ تي ھٿيارن جي زور تي نينگر اويناش کي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي پنج جوابدارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن جو تعلق شھدادڪوٽ سان آهي، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.