جيڪب آباد/ ميرپور ماٿيلو/ فيض گنج (نمائندن وٽان) جيڪب آباد تعليم کاتي جي ناقص ڪارڪردگي سامهون اچي وئي آهي، بايو ميٽرڪ سسٽم تعليم کاتي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، بايو ميٽرڪ سسٽم جي عملدار پاران تعليم کاتي جي اختيارين کي رپورٽ اماڻي وئي آهي، جنهن موجب ته تعليم کاتي ۾ 2020 ۽ 2021ع ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا ٽوٽل 1455 استاد ۽ استادياڻين کي گوسڙو قرار ڏنو ويو آهي، پرائمري سائيڊ جا 1093 ملازم آهن جن ۾ 509 استادن ۽ استادياڻين ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جو منهن ناهي ڏٺو، جڏهن ته 585 ملازم عادي گوسڙو آهن، جن مان ڳڙهي خيرو تعلقي جي 357، جيڪب آباد تعلقي جي 394 ۽ ٺل تعلقي جا 342 ملازم شامل آهن،  بايو ميٽرڪ جي رپورٽ موجب سيڪنڊري سائيڊ جا 362 استاد ۽ استادياڻين کي گوسڙو قرار ڏنو ويو آهي، جن مان 144 ملازم اهي آهن جيڪي ڪيترن سالن کان گوسڙو آھن، جڏھن ته 218 ملازمن کي عادي گوسڙو قرار ڏنو ويو آهي، بايو ميٽرڪ سسٽم جي چيف مانٽرينگ آفيسر اھڙي رپورٽ تعليم کاتي جي ڊي او پرائمري ۽ سيڪنڊري جيڪب آباد کي اماڻي آهي جنهن ۾ گوسڙو قرار ڏنل ملازمن خلاف سخت ڪارروائي جي ھدايت ڪئي وئي آهي.ڊي او پرائمري عبدالعزيز چاچڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بايو ميٽرڪ سسٽم پاران جن ملازمن کي گوسڙو قرار ڏنو ويو آهي ان حوالي سان اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعي اھي ملازم گوسڙو آهن يا ھٿ ٺوڪي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت منهنجو پروموشن ٿيو آهي آئون سيڪنڊري سائيڊ لاڙڪاڻي جو ڊائريڪٽر ٿيو آهيان ٻيو ڊي او مقرر ٿيندو جيڪو جاچ ڪندو، انهن ملازمن کي شوڪاز جاري ڪري جواب طلب ڪيو ويندو، جنهن بعد گوسڙو ثابت ٿيڻ تي انهن ملازمن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف مانٽرينگ آفيسر جيڪب آباد محمد خان ڀنگوار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سال 2020 ۽ 2021ع جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا 1455 استاد گوسڙو آهن جيڪا رپورٽ تعليم کاتي جيڪب آباد جي اختيارين کي اماڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ ھدايت ڪئي وئي آهي ته تعليم کاتي ۾ گوسڙو رهندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪيو وڃي جيئن ضلعي ۾ پٺتي پيل تعليم کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ھن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم صرف استادن جي حاضري ڏسڻي آهي جيڪا رپورٽ اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻيندا آهيون وڌيڪ کاتيوار ڪارروائي ڪرڻ انهن جي اختيار ۾ آهي. هوڏانهن گهوٽڪي ۾ تعليم جي بهتريءَ بابت ڊسٽرڪٽ ريفارم اوورسائيٽ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر ظفر عباس ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن سميت ٽي اي اوز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي خطاب ڪندي چيو ته ڊگهي عرصي کان بغير ڪنهن سبب جي غير حاضر رهندڙ ۽ نوٽيسن جو جواب نه ڏيندڙن استادن کي برطرف ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي پاليسي موجب ڪارروائي شروع ڪندي ڇو ته اهڙن گوسڙو استادن جي ڪري تعليم کي نقصان پهچي رهيو آهي.ان کان اڳ سي ايم او ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته 69  پرائمري استاد عادي گوسڙو بڻجي ۽ 53 مفرور آهن. اهڙي ريت سيڪنڊريءَ ۾ 14 استاد غيرحاضر عادي گوسڙو، جڏهن ته 12 مفرور آهن جن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ٺري مير واھ ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر ڇاپا هنيا،پرائمري اسڪول اسماعيل ويسر ۾ استاد سليمان ويسر، پرائمري اسڪول گهنور ويسر ۾ حاصل خاتون، نور محمد سومرو، پرائمري اسڪول تڳيل ويسر ۾ عبدالرشيد لغاري غير حاضر، رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر چيو ته  رپورٽ ڪارروائي لاءِ  اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواھ ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي موڪلي ڇڏي آھي.