جيڪب آباد: چوري ڪيس ۾ گرفتار عورت ٻار سوڌو سيف ھائوس مان فرار

0
150
جيڪب آباد: چوري ڪيس ۾

جيڪب آباد (ن پ ا) چوري جي ڪيس ۾ گرفتار عورت ٻار سوڌو سيف ھائوس مان فرار ٿي وئي، جنهن بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي

سٽي پوليس چوري جي الزام ۾ عورت شهناز کي چار ڏينهن اڳ گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ھو

سيف ھائوس مان عورت جي فرار ٿيڻ واري واقعي جو سول لائن ٿاڻي تي عورت اهلڪار سوڌو 5 اهلڪارن تي ڪيس داخل  ڪر ي کين گرفتار ڪيو ويو آهي

سٽي ٿاڻي جي اي ايس آءِ جي فرياد تي عورت اهلڪار پروين اختر، سچل سومرو، شهزاد مهر، عبدالله لاشاري ۽ خان محمد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي