جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سھڻو بنگلاڻي ۾ جوابدار اعجاز بنگلاڻي ڪارنهن تھمت مڙھي پنهنجي 30 ورھين جي زال رشيدان کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي 40 ورهين جي ڀاڄائي مومل کي به گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، پوليس ٻنھي لاشن کي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ٺل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حد جي پوليس ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدار اعجاز بنگلاڻي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ جي ترجمان موجب ته جوابدار اعجاز بنگلاڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ بعد ڀاڄائي کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي، لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺل منتقل ڪيا آهن، پوليس موجب جوابدار اعجاز بنگلاڻي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.