جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ مستحق 60 ھزار کان مٿي عورتن لاءِ ايندڙ 12 ھزار جي قسط مان 5 سئو کان ھڪ ھزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ضلعي ۾ مستحق عورتن کي قسط جا پئسا ڏيڻ لاءِ ٽوٽل 20 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ٺل ۾ 11، جيڪب آباد ۾ 5 ۽ ڳڙهي خيرو ۾ 4 احساس سينٽر قائم ٿيل آهن، احساس ڪفالت سينٽرن جي ايجنٽن کي ايڇ بي ايل انتظاميا پاران 165 ڊوائيسون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته ايڇ بي ايل جيڪب آباد ۽ ٺل جي اي ٽي ايم مشينن ذريعي به عورتن کي قسط جا پئسن ڪڍڻ جي سھولت مھيا ڪئي آهي، ضلعي ۾ مجموعي طور 60 ھزار کان مٿي مستحق عورتن جي قسط جي آيل پئسن مان 5 سو رپين کان ھڪ ھزار ڪٽوتي ڪري 2 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان ايچ بي ايل انتظاميا ايجنٽن جي ڪٽوتي ۽ وظيفي جي پئسن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو ذميوار ضلعي انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ايچ بي ايل جي زونل مئنيجر سردار کوسو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت تائين 50 ھزار کان مٿي مستحق عورتن کي وظيفي جي ايندڙ پئسن جي قسط 12 ھزار رپيا ڏئي چڪا آهيون، ھن چيو ته ضلعي ۾ 64 ھزار مستحق عورتون وظيفي لاءِ اھل آهن، جنهن ۾ 5 ھزار مستحق عورتن جا فنگر (آڱوٺا) ڪم نه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 5 ھزار مستحق عورتون فوت ٿي چڪيون آهن، انھن لاءِ وظيفي جا ايندڙ پئسا اڪائونٽس ۾ پيل آهن، ھن ھر ايندڙ قسط ۾ 2 کان 3 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جي سوال تي ٻڌايو ته ان ڪرپشن جي ذميوار ضلعي انتظاميا آهي، ڇو ته ڪرپشن کي روڪڻ انھن جو ڪم آهي، اسان جو ڪم صرف رجسٽرڊ ڪري ڊوائيسون فراهم ڪرڻ آهي، سيڪيورٽي جي ذميواري انتظاميا جي آهي، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن به ڊوائيس ھولڊر تي شڪ آهي ته ان جي شڪايت ڪئي وڃي، ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد شھزاد احمد ٻڌايو ته مستحق عورتن جي آيل پئسن ۾ ڪٽوتي ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا اسان ذميوار ناهيون، ڇو ته ھڪ اسسٽنٽ ڪمشنر 20 سينٽرن تي ھڪ ئي وقت نه پھچي سگھندو، ڪرپشن جي ذميواري ايڇ بي ايل انتظاميا جي آهي، ايڇ بي ايل انتظاميا ۽ ايجنٽن جو ڳٺ جوڙ آهي، ھو پاڻ ۾ مليل آهن، اسان کي جٿي به عورتن شڪايت ڪئي ته ان سينٽر تي پھچي ڪارروائي ڪئي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايڇ بي ايل بئنڪ جيڪب آباد جي برانچ جي اي ٽي ايم مان به پئسا ڪڍندڙ ايجنٽن کي خود سوگھو ڪري گرفتار ڪرايو ويو هو.