ڪوٽلي (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ جيالا ميدان تي لهِي ڪٺ پتلي ۽ بگو راني جو مقابلو ڪن، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ هارايل اسان جا مخالف منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهن رهيا، ڌانڌلي ذريعي کٽيندڙ پارٽي به منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيالن ظالمن ۽ آمرن جو مقابلو ڪيو ته ڪٺ پُتلي ڪهڙي شئي آهي؟ جيالا آخري جنگ وڙهڻ لاءِ به تيار آهن، چونڊون شفاف ٿين ته آزاد ڪشمير ۽ چئني صوبن سوڌو وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي، ڪٺ پُتلي حڪمران آزاد ڪشمير جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جي سازش سٽي رهيا آهن، عوام دشمن حڪومت هزارين ملازمن کي بيروگار ڪري ڇڏيو، تاريخي مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي.