جوهي(ن پ ا) جوهي مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپني طرفان مقامي ڳوٺن کي اسپتال ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولٿ نه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن ٻارڙن سميت لڳاتار ٻي ڏينهن به ڪمپني جي فيلڊ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن آفتاب پنهور، سرائي اڪبر، امين وگهيو، نور احمد بروهي، ڪريم بخش رودباڻي ۽ شفيع محمد گاڏي ۽ ٻين چيو ته 20 ورهين کان علائقي مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪپمني اسان کي اسپتال ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به ناهي ڏني. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميا جي ناجائزين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ به پٽيشن داخل ڪرائي، حق گهرڻ سبب ڪمپني انتظاميا جي چرچ تي 40 ڳوٺاڻن مٿان دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميا مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ڀتي خور ڀوتارن کي لکين رپيا ڀتو ڏئي رهي آهي. ڳوٺاڻن چيو ته اسان ٻارين ٻچين مجبور تي ڪمپني جي ظلمن خلاف روڊن تي ويٺا آهيون، جيڪا ڳالهه تر جي ڀتي خور ڀوتارن کي نٿي وڻي. هنن چيو اسان اهڙي خاطري بعد ٻن ڏينهن کان ڪمپني جي فيلڊ اڳيان جاري ڌرڻو ختم ڪيو آهي، جيڪڏهن منظور ڪيل مطالبن تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر تحريڪ هلائي ويندي.