عالمگير ترين جو آپگهات: آخري نوٽ سميت وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

0
458

لاهور: استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي ڀاءُ ۽ ڪرڪيٽ فرنچائز ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين جي موت کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن

ذريعن موجب رات جو عالمگير ترين معمول موجب پنهنجي بيڊ روم ۾ سُتل هو، هو صبح جو 10 وڳي تائين نه اٿيو ته ملازم در کڙڪايو، در نه کُلڻ جي صورت ۾ ملازم دريءَ ۾ ڏٺو ته عالمگير ترين رتو رت هو

ذريعن موجب بعد ملازم فوري طور جهانگير ترين کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد جهانگير ترين پهتو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن چيڪ ڪيو ته گولي عالمگير ترين جي مٿي ۾ لڳل هئي

ذريعن موجب عالمگير ترين موت کان اڳ هڪ نوٽ لکيو، جيڪو سامهون اچي ويو آهي، نوٽ ۾ هُن لکيو ته بيماري کان تنگ اچي چڪو آهيان، بيماري سبب زندگي جو ڏيئو اجهائي رهيو آهيان

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عالمگير ترين جي ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته ظاهري طور عالمگير ڪڏهن به بيماري جو ذڪر نه ڪيو هو

عالمگير ترين گورنمينٽ ڪاليج ۽ پرڏيهه مان تعليم حاصل ڪئي هئي، سندس شادي نه ٿيل هئي، مڱڻو ٿيل هو، ڊسمبر ۾ سندس شادي به طئه ٿيل هئي