جنگشاھي (اسپورٽس نيوز) جنگشاھي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ ( اين آر ايس پي) ضلعي ٺٽي پاران  ھڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري جنھن ۾ يونين ڪائونسل جنگشاھي ۽ يونين ڪائونسل ڪوھستان جي چار ٽيمين حصو ورتو. باقر شاهه اليون ڪوھستان ۽ ڀٽائي ڪرڪيٽ اليون جنگشاهي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ڀٽائي ڪرڪيٽ اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 78 رنز ٺاھي سگهي باقر شاهه اليون ستن اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو. سمير بروھي کي پليئر اف دي ميچ قرار ڏنو ويو.