جنرل عاصم منير 3 ارب وٺي ڏنا، ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو: وزير اعظم

0
263
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم

تورغر: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته وڏي مشڪل سان آءِ ايم ايف پروگرام پورو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻو هو، هاڻ 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف بورڊ جي ميٽنگ آهي، انشاءَ الله آءِ ايم ايف معاهدو ٿي ويندو

تورغر ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ اندر ويٺل ۽ ملڪ کان ٻاهر ويٺل ڪجهه ماڻهو پاڪستان جي ڊيفالٽ جون دعائون گهري رهيا هئا، اسان آءِ ايم ايف جو پروگرام پورو ڪري ملڪ کي بچائي ورتو

وزير اعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آرمي چيف سعودي عرب ۽ يو اي اي مان 3 ارب وٺي ڏنا

شهباز شريف چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي

وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي دور کانپوءِ جيڪو دور شروع ٿيو، اُهو سڀ ڄاڻين ٿا، اسان ترقي لاءِ وسان نه پيا گهٽايون

هي به پڙهندا

توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا