جمهوري دور ۾ غير جمهوري روايتون

0
507

12 آگسٽ 2021ع واري ڏينهن تي قومي اسيمبلي ٽيون پارلياماني سال مڪمل ڪري ورتو هو.  ٽن سالن جي حڪومت ۾  پي ٽي آءِ سرڪار نه 100 ڏينهن ۾ سرائيڪي صوبي قائم ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪري سگهي،  نه ملڪ اندر ڪرپشن جو خاتمو ٿيو پر وفاقي سرڪار جي پنهنجي سامهون آندل انڪوائري رپورٽن ۾ پئٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام جي کيسي مان رقم ڪڍي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙن خلاف به حڪومت ڪارروائي نه ڪري سگهي.  هن حڪومت ۾ ئي کنڊ، اٽي، دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جا واقعا سامهون آيا پر ڪا خاطر خواه ڪارروائي نه ٿي ان کانسواءِ  هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ حڪومت جي ٽن سالن جي دور ۾ ماڻهن کي نوڪريون ته نه ملي سگهيون پر لکين ماڻهو بي روزگار ضرور ٿيا. هن حڪومت جي دور ۾ جيئن پاڪستان جي روپئي جي بي قدري ٿي ڊالر جي قيمت کي جيئن پر لڳا ايئن شايد ئي ڪنهن دور ۾ ٿيو هجي ان کان به وڌيڪ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ٽن سالن ۾ جيئن مهانگائي مڪمل عروج تي پهتي، مهانگائي کي ايترو عروج شايد ئي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن مليو هجي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن حڪومت جي دور ۾ مهانگائي پنهنجي تاريخي اوچي اڏام جا رڪاڊ قائم ڪري ورتا.  رڪارڊ رڳو مهانگائي قائم  نه ڪيا پر هن حڪومت ڪجھه ٻيا به رڪارڊ قائم ڪيا آھن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سپريم ڪورٽ جي جج خلاف داخل ڪرايل ريفرنس رد ٿيو. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ايڊهاڪ جج لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو جنهن تي بظاهر عمل رڪجي ويو آھي.  صدر پاران اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن مان آئيني طريقيڪار جي ابتڙ ميمبر مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ سان گڏ صدر پاڪستان پاران اين ايف سي ڪميشن جي جاري ڪيل ٽي  او آرز ذريعي صوبن کان سيڪيورٽي سوڌو انهن مامرن ۾ رقم جي فراهمي جو حصيدار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪي وفاقي ذميوارين ۾ مامرا اچن ٿا، نه رڳو صدر پاڪستان پر 12 آگسٽ تي مڪمل ٿيل ٽئين پارلياماني سال دوران وزير اعظم عمران خان ايوان ۾ گهٽ اچڻ وارو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو به رڪارڊ ٽوڙي اسيمبلي  ۾ گهٽ اچڻ جو اعزار پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي.

  ٽئين پارلياماني سال  جي آخري ڏينهن تي هن حڪومت هڪ ٻيو رڪارڊ به قائم ڪيو آھي، آئين تحت صدر پاڪستان جي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ سان پارلياماني سال جي شروعات ٿيندي آھي ۽ صدر جي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي ڪيل خطاب تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو ويندو آھي ۽ بحث مڪمل ٿيڻ  بعد ڪو وفاقي وزير ان بحث کي سهيڙڻ لاءِ تقرير ڪندو آھي ان بعد اسيمبلي هڪ رٿ منظور ڪري صدر پاڪستان جو گڏيل پاليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي آھي پر  پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر پاڪستان جي سال اڳ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي ڪيل خطاب تي سڄي سال ۾ حڪومت  نه بحث مڪمل ڪرائي سگهي نه ڪنهن وزير کي ان بحث کي سهيڙڻ لاءِ لب ڪشائي ڪرڻ جي زحمت ڪرڻي پئي، بس ٽئين پارلياماني سال جي آخري ڏينهن  12 آگسٽ 2021ع واري اجلاس جي آخري لمحن  ۾ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ تي شڪريي جي تڙ تڪڙ ۾ رٿ پيش ڪري ان جي منظوري ورتي وئي جنهن لاءِ به حڪومت کي مخالف ڌر جو ٿورو مڃڻ گهرجي ڇو ته جيڪڏهن ان وقت مخالف ڌر ڪورم جي نشاندهي ڪري ها ته  اها رٿ به منظور نه ٿي سگهي ها، ڇو ته 342 ميمبرن جي ايوان ۾ ڪورم لاءِ گهربل 86 ميمبر به ان وقت موجود نه هئا.

 خير ٽئين  پارلياماني سال جي مڪمل ٿيڻ بعد هڪ مهينو دير سان چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪرڻ لاءِ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 13 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪيل خطاب سان چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ته ٿي چڪي آھي پر چوٿين پارلياماني سال جي پهرين ڏينهن تي پي ٽي آءِ حڪومت اهڙي انتهائي غلط روايت قائم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آھي جيڪو اعزاز مڪمل طور تي ناجائز طريقي، ڏنڊي، ڏاڍ ۽ آئين جي لتاڙ ڪري اقتدار تي قابض ٿيندڙ آمر به پنهنجي نالي  نه ڪيو آھي پر هن تبديلي سرڪار ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارلياماني تاريخ ۾ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي خطاب دوران پريس گيلري کي تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو.  ان کان اڳ رڳو پريس گيلري اجلاس دوران تڏهن بند رهي آھي جڏهن ڪنهن حساس نوعيت جي مامري تي ان ڪئميرا اجلاس ڪيو ويندو هو.

سوال هي آھي ته حڪومت کي پريس گيلري بند ڪرڻ جهڙو آمراڻو قدم کڻڻ جي ڇو ضرورت پئي؟    اوهان کي  ٻڌايان ته حڪومت پريس گيلري کي  ان ڪري بند ڪرائي ڇڏيو جيئن صحافي پاڪستان ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي قيام جي ڪوششن خلاف صدر جي خطاب دوران پريس گيلري مان واڪ آئوٽ نه ڪري سگهن. يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن حڪومت پريس گيلري بند ڪرڻ واري آمراڻي سوچ جو مظاهرو نه ڪري ها ته صحافين جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ جي خبر جا ٽي وي چينلن تي هڪ ٻه ٽڪرز ئي هلي سگهن ها ۽ ايئن صحافي پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافتي تنظيمن پاران ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي خلاف لڳايل ڌرڻي ۾ هليا وڃن ها پر حڪومت جي پريس گيلري بند  ڪرڻ واري فيصلي خلاف  پارليامينٽ کي ڪور ڪندڙ صحافي پارليامنيٽ اندر به ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. صحافين جي پارليامينٽ هائوس ۾ لڳل ڌرڻي کي پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي ملڪن جي سفيرن به نه رڳو اکين سان ڏٺو  پر ان ڌرڻي جي غير ملڪي ميڊيا ڪوريج به ڪئي آھي، جنهن سان نه رڳو بدنامي جو هار حڪومت پنهنجي ڳچي ۾ پاتو پر ان سان پاڪستان جي عالمي سطح تي بدنامي جو سبب به بڻجي وئي.  افسوس جي ڳالھه ته اها آھي جو جنهن اسپيڪر کي آئين پارلياماني روايتن ۽  آئين جو محافظ هجڻ گهرجي ها اهو اسپيڪر اسد قيصر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريس گيلري بند ڪرائي ڪاري باب رقم ڪرائڻ جي عمل ۾ سهولتڪار بڻيو آھي ۽ آئين ۾ ڏنل ميڊيا جي آزادي جي گارنٽي کي به پائمال ڪيو.

صحافي ميڊيا جي آزادي تي راتاهن جي ڪوششن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا صحافي سامهون آيل حڪومتي مسودي کي پڙهڻ بعد ان خوف ۾ مبتلا ٿيا. ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ  حڪومت پهريان آرڊيننس تيار ڪيو جيڪو ميڊيا وٽ پهتو ته ميڊيا ۾ تشويش وڌي وئي ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ نالي ماتر ئي حڪومتي اثرن کان ٻاهر ۽ ھڪ خودمختيار اداري طور قائم ڪيل پيمرا ، پريس ڪائونسل کي ختم ڪري اخبارن، نيوز ايجنسين، بڪ رجسٽريشن ايڪٽ، نيوز پيپرز ايمپلائيز جي سروس جي شرطن بابت ايڪٽ، فلم بابت موشن پڪچرز ايڪٽ ختم ڪري انهن سمورن ادارن کي منظور قانونن تحت حاصل اختيار قائم ٿيندڙ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏنا پئي ويا  نه رڳو ايترو پر جيڪي ملڪ جون اخبارون ملڪ جيتري عمر رکن ٿيون انهن سميت هلندڙ ميڊيا جي ادارن کي به نئين سر رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جا اختيار حڪومت کي ڏنا پيا وڃن.  حيرت جي ڳالھه اها آھي ته حڪومت اهڙو تڪراري قانون آڻڻ چاهي ٿي پر ان بل کي باضابطه طور تي نه ئي پارليامينٽ ۾ پيش ڪري رهي آھي نه ئي صحافتي تنظيمن توڙي ميڊيا ادارن جي مالڪن جي تنظيم  کي ئي ان بل جي ڪاپي فراهم ڪئي پئي وڃي رڳو صحافتي تنظيمن کي حڪومت زباني طور ڪجھه شيون ٻڌائي اها دعويٰ ڪري رهي آھي ته صحافين سان مشاورت ڪئي وئي آھي.

 سڌسماءَ جو وفاقي وزير فواد چوڌري بار بار اهو چئي رهيو آھي ته باقي سمورن مامرن تي ڳالھه ٻولھه ٿي سگهي ٿي رڳو فيڪ نيوز ، صحافين ۽ ورڪرن جي حقن تي سمجهوتو نه ڪندا سين جيڪڏهن فواد چوڌري کي ميڊيا ورڪرن جو ايترو خيال آھي ته هن دور ۾ جن سوين هزارين صحافين کي ڪڍيو ويو آھي ان بابت لاڳاپيل ادارن کان ان پڇاڻو ڇو نه ڪيو؟ پگهارن ۾ واڌ بجاءِ ڪٽوتيون ٿيڻ تي ان مجرماڻي خاموش ڇو اختيار ڪئي؟ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي  20 سالن کان وڌيڪ عرصو گذريو آھي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرن جي سروس بابت ڪو قانون آڻڻ بجاءِ هي حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري جيڪي اختيار سڌسماءَ وزارت وٽ نه رهيا آھن اهي به اختيار انهن کي ڏيارڻ گهري ٿي. مطلب ته ميڊيا کي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش پوري ڪرڻ گهري ٿي نه رڳو ايترو پر ان قانون تحت سوشل ميڊيا کي به ريگيوليٽ ڪرڻ چاهي ٿي. سوشل ميڊيا خلاف پيڪا قانون اڳ ئي منظور ٿيل آھي جيڪو تمام سخت ۽ ان جي ڪيترين ئي شقن کي بنيادي حقن جي خلاف تصور ڪيو ويندو رهيو آھي، اهو قانون ايترو ته سخت آھي جو ڪا غلط پوسٽ سوشل ميڊيا تي اوهان نه رکو ۽ ڪو ٻيو اوهان جي وال تي ٽيگ ڪري ته اوهان به رڳڙي ۾ اچي سگهو ٿا، پر ان باوجود سوشل ميڊيا کي اڃان حڪومت ريگيوليٽ ڪرڻ چاهي ٿي. باقي رهي ڳالھه فيڪ نيوز جي روڪٿام تي سمجهوتو نه ڪرڻ واري حڪومت جي دعويٰ جي ته ٽي وي چينل توڙي اخبارن ۾ فيڪ نيوز شايع ٿيڻ جي ڳالھه ڪرڻ وائڙائپ آھي ڇو ته ٽي وي چينلن توڙي اخبارن ۾  فيڪ نيوز جي نشاندهي شايد حڪومت به  ڪري نه سگهي.  ڪنهن ڪا غلط نيوز ڏني به آھي ته ان خلاف عدالتي طريقيڪار موجود آھي.

ڳالھه فيڪ نيوز جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته جيڪو سڌسماءَ جو وفاقي وزير فواد چوڌري فيڪ نيوز کي روڪڻ لاءِ قانون آڻڻ جي ڳالھه ڪري رهيو آھي ان فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان مخالف ڌر جي پارٽين جو مائوٿ پيس ٿي وڃڻ جو الزام لڳايو آھي ۽ اهو به چيو آھي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جا ن ليگ سربراهه نواز شريف سان رابطا  رهيا آھن. اهڙي بيان تي اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪري ثبوت وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اميد ته فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان لڳايل الزامن جا ثبوت ڪميشن ۾ پيش ڪندو، جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري سگهيو ته سڌسماءَ وزير جا الزام فيڪ معلومات تي ٻڌل ثابت ٿيندا. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻ لاءِ ان جو نالو وزير اعظم عمران خان تجويز ڪيو هو ۽ هن وقت جيڪي چيف اليڪشن ڪمشنر کانسواءِ سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبر مقرر ٿيل آھن انهن کي به وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت ڪري مقرر ڪرايو آھي. انهي اليڪشن ڪميشن مٿان ريلوي جي وفاقي وزير  اعظم سواتي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊ ڪرائڻ جي مخالفت ڪرڻ لاءِ پيسا وٺڻ جو الزام لڳايو آھي نه رڳو ايترو پر وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏڻ،  جهنم ۾ وڃڻ ، هر چونڊ ۾ پنهنجي نگراني ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ جا الزام لڳايا آهن. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي کي به نوٽيس جاري ڪري لڳايل الزامن جا ثبوت وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڏسجي ته جذباتي ٿيڻ جي هر حد ڪراس ڪري ويندڙ اعظم سواتي ڪهڙن پختن ثبوتن جي بنيادن تي اليڪشن ڪميشن مٿان الزام مڙهيا آھن.

 الزام ته اليڪشن ڪميشن مٿان اڻ سڌي ريت سينيٽ ڪاميٽي ۾ بابر اعواڻ به لڳايا آھن هن چيو هو ته اليڪشن ڪميشن پاران ضياءُ الحق لاءِ ڪرايل ريفرينڊم واري مامري ۾ نٿو وڃڻ گهران ، پرويز مشرف لاءِ ڪرايل ريفرينڊم ۾ سمنڊپار پاڪستانين کان به ووٽ وجهرايا ويا، انهن الزامن تي بابر اعواڻ کي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ڏيڻ جو اڃان فيصلو نه ڪيو آھي ڇو ته موجوده اليڪشن ڪميشن کي به شايد اهو ادراڪ آھي ته اليڪشن ڪميشن جو ماضي بي داغ نه آھي پر رياست مدينه جو بار بار پرچار ڪندڙ موجوده حڪمران ڇا اهو نٿا ڄاڻين ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ ۾ ڪير ملوث رهيا آھن. جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان  اعظم سواتي، فواد چوڌري ۽ ٻين کي معلوم آھي ته ماضي ۾  پري پول ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۾ ڪير ملوث آھن ان باوجود اهي انهن بابت  لب ڪشائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن ته اهي طاقتور آھن ته پوءِ انهن جي اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ هن چوڻي وانگر آھي ته “ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪونه هيڻي تان لهي ڪونه” ٻيو ته کين دانائي واري اها ڳالھه به ياد رکڻ گهرجي ته اڌ سچ مڪمل ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آھي . جمهوري دور ۾ غير جمهوري روايت قائم ٿيڻ بابت ڪالھه جڏهن هي ڪالم لکي رهيو هيس تڏهن دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهائجي رهيو هو مزي جي ڳالھه اها آھي ته سڌسماءَ جي وفاقي وزارت پاران  به جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار ڪرايو ويو آھي جنهن وزارت جي وفاقي وزير  24 ڪلاڪن تائين مسلسل پارليامينٽ هائوس سامهون ڌرڻو هڻندڙ سڄي ملڪ جي صحافين وٽ اچڻ به گوارا نه ڪيو . جمهوريت جو عالمي ڏينهن اسان جي ملڪ ۾  ملهائڻ ان ڪري گهرجي جو ملڪ جي ڪل عمر 74 سالن مان اڌ کان وڌيڪ عرصي دوران آمريتون رهيون آھن جن جي آمراڻي سوچ ملڪ کي ٻه اڌ ڪرايو ۽ جيڪي نالي ۾ جمهوري دور هن ملڪ ۾ رهيا آھن اهي به انهي آمراڻي سوچ سان ڪنٽرول جمهوري دور رهيا آھن. هن دور جون جمهوري ڌريون ڀلي پاڻ کي پنهنجي پر ۾ جمهوريت جو ٽارزن محسوس ڪنديون هجن پر سچ اهو آھي ته هن دور ۾  بظاهر پاڻ کي ملڪ اندر جمهوري ڌريون سمجهندڙن مان ڪي ورلي يا اٽي ۾ لوڻ برابر به اهڙا مشڪل سان  ملندا جيڪي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ غير جمهوري ڌرين طرف آسائتين اکين سان نه واجهائيندا هجن ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ انهن جي شرطن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجن.  سمجهوتن سان اقتدار ۾ ايندڙ جمهوري ڌريون نه ملڪ اندر جمهوريت جي مضبوطي جو سبب ٿي سگهن ٿيون نه ئي اهي جمهوريت جي ناماچاري جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون .