جماعت پاران ٿيندڙ اَي پِي سِي هڪ چئلينج

0
171
جماعت پاران ٿيندڙ اَي پِي سِي هڪ چئلينج

 جماعت اسلاميءَ جي امير سينيٽر سراج الحق صاحب موجوده سياسي بحران جي دور ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر (جنهن ۾ خاص حيثيت پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان کي مليل آهي) سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪندي اهو اعلان ڪيو آهي ته عيد کان پوءِ جماعت اسلامي پنهنجي ميزبانيءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائيندي، جنهن جو خاص موضوع يا مرڪزي نقطو اليڪشن جي بحران کي حل ڪندي هڪ اهڙو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش جي لاءِ چيو ويو آهي، جنهن مطابق تحليل ٿيل صوبائي اسيبملين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن سان گڏوگڏ پوري ملڪ جي جنرل اليڪشن ڪرائي وڃي. هي سوال تمام گھڻو اهميت وارو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ معاملو رڳو سياسي پارٽين جي اندر تائين محدود ناهي رهيو پر ملڪ جي اعليٰ عدالت يعني سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ ڪجھ سپريم ڪورٽ جا جج به ان آئيني گھرج يا بحران ۾ الجھي چڪا آهن ته اليڪشن يعني پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن نوي ڏينهن جي مدي واري نقطي تي ٿيڻ گھرجي. جڏهن کان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽُٽيون آهن، تڏهن کان هي بحث مختلف رخن کان وڌندو ويو. حڪومت جي پاران گڏيل اليڪشن جي يعني خاص ڪري آڪٽوبر ۾ اليڪشن ڪرائڻ واري نقطهء نظر رکيو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن به صوبائي اليڪشن پوئتي ڪندي فنڊ ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا ڄاڻايا ته سپريم ڪورٽ، خاص طور تي چيف جسٽس وري متحرڪ ٿي سيڪيورٽي ۽ فنڊن جي لاءِ وزارت خزانا جي سيڪريٽري، وزارتِ داخلا جي سيڪريٽري ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ کي اليڪشن لاءِ پئسن ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڏنو ۽ وزارت داخلا کي سيڪيورٽي جي لاءِ چيو. ساڳيو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ رکيو ويو ۽ ڪابينا وري واپس معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ۽ پارليامينٽ اڪثريت راءِ سان 21 ارب جاري ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. هاڻي صورتحال اهڙي چومکي بڻجي وئي آهي، جو سپريم ڪورٽ ۽ هڪ وڏي سگھاري طاقت پارليامينٽ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن ائين چئجي ته هن سياسي بحران آئيني بحران جي بحث کي وڌائيندي ٻن ڌرين کي آمهون سامهون آڻي بيهاريو آهي. مزي جي صورتحال اها آهي ته پارليامينٽ اڪثريت راءِ سان هڪ نقطي تي گڏ آهي ۽ ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جا تمام جج صاحبان گڏ هجڻ جي بجاءِ ورهايل نظر اچي رهيا آهن. رڳو نظر نه اچي رهيا آهن پر هاڻي اها حقيقت اسان جي اڳيان واضح صورت اختيار ڪري چڪي آهي ته چيف جسٽس پوري ڪورٽ جي بينچ جوڙڻ واري مطالبي کي رڳو نظر انداز نه پيو ڪري پر هو اهڙي انداز سان لنوائي رهيو آهي، جو هڪ وڏي اعليٰ عدالت جي چيف جسٽس جي پوزيشن پنهنجي ئي ڪورٽ جي اندر تمام گھڻي ڪمزور نظر پئي اچي. جي صورتحال اهڙي نه هجي ها ته فل ڪورٽ جي بينچ فيصلو ڪري هن پوري بحران کي ختم ڪري پئي سگھيو پر ائين نه ٿيو ۽ هاڻي ته پري پري تائين ائين ٿيندي نظر به نه پيو اچي. حڪومت پنهنجن تمام پتن جو نماءُ ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جو طاقتور هٿيار ۽ رياست جا تمام ادارا سواءِ سپريم ڪورٽ جي (سا به ورهايل) حڪومت سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ حڪومت سان اسٽيبلشمينٽ هن وقت تائين بيٺل آهي ۽ معاملو هڪ اهڙي سياسي ٽڪراءَ ۽ مفادات جي جنگ بڻجي چڪو آهي، جنهن جو سياسي حل نڪرندي نظر نٿو اچي.

 اهڙي شديد ڇڪتاڻ واري دور ۾ جماعت اسلامي جي امير اَي پِي سِي سڏائڻ جي لاءِ ۽ گڏيل مفاهمتي حل ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ڪوشش ورتي آهي، انهيءَ کي بهتر چوندي ساراهي ته سگھجي ٿو پر هي وڏو چئلينج به آهي، جنهن جو حل ڪڍڻ ايترو آسان ڪنهن به صورت ۾ نظر نٿو اچي. سراج الحق صاحب ان صورتحال جي تمام پهلوئن کان ٺيڪ طرح سان واقف هجڻ جي ڪري هن تڏهن اهو چيو آهي ته، “اسٽيبلشمينٽ ۽ سپريم ڪورٽ يعني سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پوئتي هٽي وڃن، سياسي پارٽين کي هي بحران حل ڪرڻ جي لاءِ موقعو ڏين”. سراج الحق صاحب کي اها ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته انهن ٻنهي رياست جي ادارن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان حمايتي ڌريون آسانيءَ سان سياسي گفتگو نه ڪنديون. جيڪڏهن هٿ کڻي ويندا ته اڌ معاملو حل ٿي ويندو. ممڪن آهي ته هن ڪشمڪش ۾ خود اهي رياستي ادارن جو ڌريون پاڻ به پريشاني ۽ ٿڪاوٽ محسوس ڪنديون هجن ۽ ڪو حل چاهينديون هجن. جيڪڏهن معاملو انهيءَ کان الڳ وڌيل آهي ته پوءِ هن پوري ڊرامي جي اختتام کان پوءِ جيڪو ‘سين’ امڪاني بنياد تي اڀرندي نظر ٿو اچي، اهو سياسي پارٽين جي لاءِ ڪڏهن به ٺيڪ نه هوندو.

سياست جي اندر دوستيون ۽ دشمنيون مفاداتي بنيادن تي بڻبيون آهن. سياست جا هڪڙا مفاد نظرياتي اصولن تي بيٺل هوندا آهن ته ٻيا اقتداري حاصلات جي بنيادن تي هوندا آهن. هن ملڪ جي سياست ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد سياست جي نظرياتي اصولن جا قائل آهن، باقي سڀ جو سڀ اقتدار جي حاصلات جا جواري آهن، جيڪي ان گيم ۾ نظرين جو استعمال به ڪن ٿا ته دولت جو استعمال به ڪن ٿا. ايتري حد تائين جو تهذيب، ڪلچر ۽ روحانيت جي استعمال کي به سياست جي گيم سڏيندي فخر سان پنهنجو اظهار ٿا ڪن. جماعت اسلامي هن ملڪ جي هڪ مضبوط مذهبي نظريات تي بيٺل هڪ اهڙي تنظيم آهي، جنهن سان ڪو فرد ڪجھ اختلاف ته رکي سگھي ٿو پر جماعت اسلامي جي ايمانداري ۽ اخلاقيات جي تهذيب ۽ ڪلچر کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي. ها البته ڪجھ فرد اهڙا ٿي سگھن ٿا، جن سان گھڻا اختلاف رکي سگھجن ٿا يا انهن تي تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر مجموعي طور تي جماعت اسلامي خاص ڪري موجوده حالتن ۾ ڪنهن به الجھاءَ يا سياسي مفاد پرستي جو حصو ناهي بڻي. جماعت اسلامي پي ٽي آءِ سان گذريل صوبائي حڪومت ۾ ڪي پي ڪي جي اندر ڪجھ وقت اتحادي رهي ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ پي ٽي آءِ کان الڳ ٿي پر هنن جي حڪومت کي ڪنهن به بي اعتمادي يا لوڏي ۾ نه آندو. بس خاموشي سان الڳ ٿي وئي.

جماعت اسلامي پنهنجي سماجي خدمتن ۾ هن وقت تمام سياسي جماعتن کان اڳتي وڌيل ۽ اعليٰ مقام رکي ٿي. قدرتي آفتن، زلزلن ۽ ٻوڏن ۾ هو بنا ڪنهن تفريق جي پنهنجي فلاحي ادارن جي ذريعي ڪم ڪندي آهي. ايتري حد تائين جو عمران خان جي اڳوڻي زال جمائمه خان گذريل ٻوڏ جي دوران هي بيان ڏنو هو ته، “مان سڀني ڊونرز کي اها گذارش ڪنديس ته هو الخدمت فائونڊيشن کي فنڊ ڏين، ڇو ته اهي ايمانداري ۽ ديانتداري سان ضرورتمندن تائين پهچائين ٿا”. جڏهن سياست ڪاروبار بڻجي وڃي، نالين ۽ گٽرن جا پئسا، روڊن جا پئسا، معصوم ٻارن جي تعليم جا پئسا، بيمارين جي علاج جا پئسا اشرافيا ڪلاس واڳون بڻجي هڙپ ڪري ۽ پوري اقتداري طاقت کي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪري اتي ڪا جماعت خاموشي سان عوام جي خدمت ڪري ته اهو عمل رڳو قابل ستائش نه پر قابل احترام به آهي.

سراج الحق صاحب جيڪو سياسي جوڙتوڙ جي گورک ڌنڌي کان هر وقت پاسيرو رهندو آيو آهي، انهيءَ جي لاءِ هي اي پي سي هڪ وڏو چئلينج ۽ امتحان بڻيل آهي. پاڻ جماعت اسلامي جي تجربيڪار سياستدانن کي صلاحن ۽ مشورن جي دانشوري ته نه ڪنداسين پر هنن کي هي ضرور چئبو ته هو هڪ وڏي چئلينج تي پوري سنجيدگي سان هوم ورڪ ڪن، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي مطالبن کي سامهون رکندي خود آئين جي اندر جيڪي ڪمزوريون آهن ۽ جن جي ڪري وقت به وقت آئيني بحران پيدا ٿا ٿين، ا

نهيءَ کي به بحث جو موضوع بڻائيندي هڪ اهڙو چارٽر آف ايگريمينٽ يا پبلڪ انٽريسٽ جا نقطه ڏين ۽ انهيءَ کان پوءِ هڪ صاف ۽ واضح نقطهء نظر رکندي پارٽين کي اَي پِي سِي ۾ گڏ ٿيڻ کان پهريان ان نقطن تي آماده ڪن، جنهن کان پوءِ جڏهن پارٽيون ٽيبل تي ويهن ته گھٽ کان گھٽ اختلاف سامهون اچن، ڇو ته هي معاملو صرف انائن جو ناهي پر وسيع تر سياسي ۽ اقتداري مفاد آهن. جڏهن اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حل ٿيندا ته نتيجا نڪرڻ جو امڪان واضح نظر ايندو.

سراج الحق صاحب ۽ جماعت اسلامي کي هي به عوام تائين واضح پيغام پهچائڻ گهرجي ته جيڪا ڌر خسيس مفادن جي بنيادن تي ٽڪراءَ ٿي ڪري، انهيءَ جو سياسي بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ ان کي عوام ۾ وڌيڪ وائکو ڪيو ويندو. يقينن اهي سڀئي نقطه انهن جي زير غور هوندا ۽ هن اي پي سي تي سڄي ملڪ جي ميڊيا ۽ عوام جون رڳو نظرون ناهن پر چڱيون خاصيون اميدون به آهن. جي سراج الحق صاحب ۽ جماعت اسلامي هن ملڪ کي بحران جي هن ڪُن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪاميابي سان ڪري ويا ته تاريخ ۾ اهو تمام وڏو پورهيو هوندو، جنهن کي هن ملڪ جو عوام ڪڏهن به نه وساريندو پر آخر ۾ وري به ورجائڻ ضروري سمجھجي ٿو ته هن بحران ۾ ڪي رساما ناهن پر سياسي زندگي ۽ موت جا ٽڪراءَ آهن، جن کي ذهن ۾ رکڻ تمام ضروري آهي.