‘نورجهان’ کي مارڻ جي سازش: ذميوار ڪير؟

0
166
‘نورجهان’ کي مارڻ جي سازش: ذميوار ڪير؟

  ڪراچي چڙيا گهر جي راڻي 17 سالن جي هاٿي نورجهان کي 6 مهينا اڳ مارڻ جي سازش رٿي وئي، جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا 90 سيڪڙو ڪامياب ٿي ويا آهن. 40 ڪلو خوراڪ کائيندڙ جانور کي 4 ڪلو خوراڪ ڏيندا ته ظاهر آهي اهو ڪمزور ٿيندو ۽ بيمارين جي ور چڙهندو! 2021ع جي مئي مهيني ۾ هاٿي مڌو بالا ۽ نورجهان جا ڏند ڪڍي وڪرو ڪرڻ کانپوءِ به انتظاميا جو پيٽ نه ڀريو. نيٺ مارڻ جي پلاننگ ڪري گذريل 6 مهينن کان مسلسل بيماريءَ کي منهن ڏيندڙ نورجهان جو علاج ئي نه ڪرايو ويو. مٿان وري خوراڪ به بند ڪئي وئي. ڇا ڪي ايم سي جي ڊاڪٽرن جي ڪا ذميواري ناهي ته هو جانورن جي سار سنڀال لهن؟

                 هونئن ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن پر هتي ‘زو’ ۾ موجود ڊاڪٽر جانورن جي جان بچائڻ لاءِ نه پر جانورن جي زندگين سان کيڏڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان فورپاز جي ماهر ڊاڪٽرن جي قانوني ٽيم جي صلاحڪار اويس اعواڻ پڻ هاٿيءَ جي خراب صحت جو ذميوار ڪي ايم سي جي ڊاڪٽرن کي قرار ڏنو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن چار مهينا اڳ آگاهه ڪيو وڃي ها ته اڄ نورجهان جي حالت اهڙي نه هجي ها، واضح رهي ته نورجهان جي صحت ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي، ڇهين ڏينهن به مسلسل بيهوشي واري ڪيفيت ۾ پنهنجي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي،

جڏهن ته ڊاڪٽر عامر جي قيادت ۾ پرڏيهي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم 6 ڏينهن گذرڻ باوجود نه پهتي. ڊائريڪٽر ‘زو’ پاران ٻن ڏينهن اندر فورپاز جي ٽيم اچڻ واريون دعوائون به درست ثابت نه ٿيون. ان سلسلي ۾ آصفه ڀٽو زرداري پاران هاٿيءَ جي سار سنڀال لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. زو انتطاميا کي 6 واٽر اسپري وارا فين فراهم ڪيا ويا. سروي دوران هاٿيءَ جو جائزو وٺڻ بعد ۽ باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نورجهان هاٿي ۽ مڌو بالا هاٿيءَ جا قيمتي ڏند نومبر 2021ع ۾ ڪڍي وڪرو ڪيا آهن. ڪيترائي ناياب قسم جا جانور پڻ وڪرو ڪيا ويا آهن، جنهن جو ثبوت ‘زو’ ۾ موجود 15 پڃرن مان 11 پڃرا خالي پيل آهن، جڏهن ته ڪيترائي قيمتي جانور مري چڪا پر ڪا رپورٽ منظر عام تي نه اچي سگهي. هاٿيءَ جي بيماريءَ جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪا ڪارراوئي نه ٿي سگهي.

 اڳوڻي ڊائريڪٽر خالد هاشمي کي هٽائي سندس جاءِ تي ڪنور ايوب کي مقرر ڪيو ويو. جانورن جي موت جي ذميوار آفيسرن خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي يا پڇا ڳاڇا نه ٿي سگهي آهي. سياسي آشيرواد سان مقرر ڊائريڪٽرن جو جانورن کي مرڻ يا جيئڻ سان ڪو تعلق ئي ناهي، رڳو مال ٺاهڻ ۾ پورا آهن. ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ڪراچي ‘زو’ جي ڪانٽريڪٽر ۾ حصو پتي واري معاملا تان اختلاف پڻ تيز ٿي ويا هئا. معاملو اعليٰ اختيارين تائين پهتو پر لاڳاپيل ڊائريڪٽر خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي. نئين مقرر ڊائريڪٽر ‘زو’ ڪنور ايوب عام رواجي بيان ڏيندي چيو ته هاٿيءَ جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي، پرڏيهي ڊاڪٽرن جي هدايت تي نورجهان جو علاج ڪيو پيو وڃي، اميد ته جلد ٺيڪ ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هاٿيءَ جي خراب حالت لاءِ اڳوڻو ڊائريڪٽر ذميوار آهي، منهنجي هتي مقرريءَ کي اڃا 8 ڏينهن مس ٿيا آهن.

آصفه ڀٽو زرداري پاران گرمي جي شدت کي گهٽ رکڻ لاءِ 6 واٽر اسپري فين موڪليا ويا آهن، جڏهن ته نورجهان جي پڃري کي جيتن ۽ ماڪوڙن کان بچائڻ لاءِ چُن لڳايو ويو آهي. هر ٽن چئن ڪلاڪن بعد هاٿيءَ جا پاسا تبديل ڪيا پيا وڃن. ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پڻ 24 ڪلاڪ ھاٿيءَ جي نگراني ڪري رهي آهي. واضح رهي ته ڇهه ڏينھن اڳ پاڻي جي حوض ۾ ڪرڻ سبب ان جي پوئين ٽنگ ضايع ٿيڻ ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ھاٿي مڪمل طور مفلوج بڻيل آهي. هن وقت تائين هاٿيءَ جون ٽيسٽون به نه ٿي سگهيون آهن،

جڏهن ته هڪ هفتو اڳ فورپاز جي ٽيم پاران پاڪستان اچي هاٿيءَ جو آپريشن ڪيو ويو ۽ هاٿيءَ کي ڪراچي ‘زو’ مان منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي پر موجوده ڊائريڪٽر پاران سياسي اثر رسوخ سبب هاٿيءَ کي سفاري پارڪ منتقل نه ڪيو ويو. جانورن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته 10 سال اڳ آندل 50 هرڻن جو هينئر انگ 80 کان کان 90 هئڻ گهرجي ها، جڏهن ته هن وقت رڳو پنجاهه هرڻن مان 10 هرڻ موجود آهن، 6 واڳن مان رڳو 3 واڳون موجود آهن، 3 ڪيڏانهن ويا؟ ڪا خبر ناهي. 8 ناياب قسم جي شينهن مان اڇي ۽ گولڊن رنگ وارا ٻه شينهن مري چڪا، 2 ‘زو’ ۾ موجود آهن، باقي 4 شينهن غائب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ آسٽريليائي طوطا به وڪرو ڪري انهن جي جاءِ تي مارڪيٽ مان مقامي طوطا خريد ڪري انهن کي رنگ هڻي پڃرن ۾ ڏيکاءَ خاطر رکيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڪي ايم سي ڊاڪٽرن جي ٽيم جي هيڊ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته هاٿيءَ جو علاج بهترين نموني سان ڪيو پيو وڃي. هاٿين جا ڏند ڪيڏانهن ويا؟ واري سوال تي هن چيو ته ان لاءِ توهان کي اعليٰ اختيارين کان اجازت وٺڻي پوندي.

عوام جي تفريح گاھ بڻيل انگريزن جي دور جو تاريخي چڙيا گھر ھاڻي جانورن لاءِ عذاب بڻجي ويو آھي، لاڳاپيل انتظاميا ۽ ٺيڪيداري نظام سبب ڪيترائي جانور بک وگھي پنھنجيون زندگيون وڃائي چڪا آھن.  زو جي اڳوڻي ڊاڪٽر خالد ھاشمي ۽ ٺيڪيدار پاران حصو پتي نه ڏيڻ واري معاملي تان اختلاف اعليٰ اختيارين تائين پھتا، ڪميٽيون جڙيون پر ڪا به رپورٽ منظرعام تي نه اچي سگھي، جڏھن ته 2 مھينا اڳ ناياب اڇي رنگ جي ٽائيگر جي موت جو ذميوار به اڳوڻي ڊائريڪٽر کي قرار ڏنو ويو ھو.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻين بختاور ۽ آصفه پڻ ‘زو’ کي جانور لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته وفاقي وزير شيري رحمان پڻ نورجهان جي بيماريءَ ۾ لاڳاپيل انتطاميا کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي چڙيا گهر جانورن جي زندگين لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو آهي، فوري طور بند ڪري جانورن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پڻ هاٿيءَ جي ڏک ۾ غم زده آهي. گذريل 6 ڏينهن کان پيرين اگهاڙو، ڊاڪٽرن جي رهنمائي سان هاٿي جي سار سنڀال لاءِ ‘زو’ ۾ موجود آهي. بظاهر لڳي ائين رهيو آهي ته نورجهان کي مارڻ جي سازش ڪندڙ آفيسر ۽ سندن ساٿاري پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ته ٿي ويندا پر ان هاٿيءَ پڄاڻان اهو ضرور ٿيندو ته عوامي دٻاءَ تي ٻيا جانور منتقل ٿي ويندا ۽ انهن جون حياتيون بچي وينديون.