جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري، ججز سميت ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي: سپريم ڪورٽ

0
287
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ 26 اپريل 2021 تي ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌايو هو ۽ 9 مهينا 2 ڏينهن کانپوءِ عدالت نظرثاني درخواستن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ لکيو آهي جڏهن ته فيصلو 45 صفحن تي ٻڌل آهي

سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني لارجر بينچ 6 کان 4 جي فرق سان سرينا عيسيٰ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ عدالت چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن کي اڪثريت سان منظور ڪيون ويون آهن

جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو واضح لفظن ۾ ٻڌايو وڃي پيو ته هن عدالت جي ججز سميت ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، ڪير به هجي چاهي اهو هن عدالت جو جج ئي ڇو نه هجي ان کي ان جي قانوني حقن کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي

هر شهري کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي جان، آزادي، وقار ۽ ملڪيت سان لاڳاپيل قانون موجب سلوڪ جو حق رکي ٿو، جڏهن ته آئين جو آرٽيڪل 9 کان 28 هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري ٿو

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدليه جو احتساب ضروري آهي پر اهو قانون موجب ٿيڻ گهرجي، کليل عدالت شيشي جي گهر وانگر آهي، ججز وڏن وڏن خلاف کلي ڪري فيصلو ڏيندا آهن

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سرينا عيسيٰ جي بيان ۾ مامرو ايف بي آر ڏانهن موڪلڻ جو نه پڇيو ويو هو، سرينا عيسيٰ کي اهم ترين معاملي تي ٻڌڻ جو پورو حق نه ڏنو ويو، سيرينا عيسيٰ کي سندس آئيني حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي، قانون سان ئي عوام جو عدليه تي اعتماد وڌندو

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سندس گهرواري سرينا عيسيٰ ۽ سندن ٻارن جي آزاد ٽيڪس معاملن ۾ الزام نه ٿو لڳائي سگهجي، سرينا عيسيٰ ۽ ان جا ٻار عام شهرين آهن، انهن جا ٽيڪس جو 3/184 سان ڪو به واسطو ناهي، جڏهن ته سرينا عيسي جو ٽيڪس جو ڪيس سپريم جوڊيشل ڪونل نٿو موڪلي سگهجي، سپريم جوڊيشل ڪونسل جو دائرو اختيار صرف ججز تائين محدود آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سان ايف بي آر خلاف اپيل تي اثر نه پوندو، اهو به ٿي سگهي ٿو ته جسٽس فائز عيسيٰ کي چيئرمين ايف بي آر جي رپورٽ تي برطرف ڪيو وڃي ها، جسٽس فائز عيسيٰ اپيل جو فيصلو ٿيڻ تائين رٽائر ٿي وڃي ها ۽ برطرفي کان پوءِ اهو به ممڪن هو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ايف بي آر جي رپورٽ قبول نه ڪري ها

فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي هدايت سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي آزادي جي خلاف آهي، آئين تحت سرڪاري آفيسر ججن خلاف شڪايت داخل نٿا ڪري سگهن، ايف بي آر کي جاچ جو حڪم ڏيڻ غلط آهي، ججن خلاف ڪارروائي پاڪستان جي صدر جي سفارش تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪري سگهي ٿي

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري جو ٽيڪس رڪارڊ غير قانوني سان گڏ ڪيو ويو، مرڪزي ڪيس ۾ به جسٽس قاضي فائز ۽ ان جي گهرواري جو مڪمل موقف نه ٻڌو ويو هو

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به هڪ جج خلاف ڪارروائي سان پوري عدليه جي آزادي تي سوال اٿي ٿو