اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرر ڪري ڇڏيو، ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اها مقرري 17 سيپٽمبر 2023ع  کان جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کان لاڳو ٿيندي، موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي آرٽيڪل 179 تحت 16 سيپٽمبر 2023ع تي رٽائرمينٽ جي عمر تائين پهچي ويندو، صدر چيف جسٽس جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي ٿري تحت ڪئي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 17 سيپيٽمبر تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان چيف جسٽس آف پاڪستان طور حلف وٺندو. قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29هون چيف جسٽس هوندو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري 2022ع تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کنيو هو، 17 سيپٽمبر 2023ع تي رٽائر ٿي ويندو، جسٽس فائز عيسيٰ 26 آڪٽوبر 1959ع تي ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيو، سندس قاضي محمد عيسيٰ تحريڪ انصاف جو اهم اڳواڻ هو، ڏاڏو قاضي جلال الدين اڳوڻي رياست قلات جو وزيراعظم هو، قاضي محمد عيسيٰ بلوچستان جو پهريون شخص هو جنهن لنڊن مان قانون جي ڊگري بار ايٽ لاء حاصل ڪئي، وطن واپسي تي آل انڊيا مسلم ليگ کي بلوچستان ۾ منظم ڪيو جنهن تي قائداعظم کيس بلوچستان مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪيو هو، جسٽس فائز عيسيٰ شروعاتي تعليم ڪوئيٽا ۽ پوءِ ڪراچي مان حاصل ڪئي جنهن بعد 1982ع ۾ قانون جي تعليم لاءِ لنڊن ويو، جتان 1985ع ۾ واپس اچي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور ڪيريئر شروع ڪيو، سپريم ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ سميت ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽ ۾ 27 سال پريڪٽس بعد هو 2007ع ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، 5 آگسٽ 2009ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو، 5 ڊسمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور حلف کنيو ۽ 25 آڪٽوبر 2024ع سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ آهي، جسٽس فائز عيسيٰ بينڪنگ، ماحوليات ۽ سول قانونن ۾ مهارت رکي ٿو، بطور جج مقرري کان اڳ هو انگريزي اخبارن ۾ آئين، قانون، تاريخ ۽ ماحوليات بابت آرٽيڪلز لکندو هو، هوڏانهن وزارت قانون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب مقرري 17 سيپٽمبر کان ٿيندي.